95

ٻن سالن جي ايسوسيئيٽ ڊگري ۽ چئن سالن جو گريجوئيشن پروگرام ختم ڪرڻ جو فيصلو ملتوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) هائير ايجوڪيشن ٻن سالن جي ايسوسيئيٽ ڊگري ۽ چئن سالن جو گريجوئيشن پروگرام ختم ڪرڻ جو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. سڄي ملڪ جي سرڪاري ۽ خانگي يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز جو آن لائن اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪيترن ئي وائيس چانسلرن ٻن سالن وارو ڊگري پروگرام ختم ڪرڻ تي خدشن جو اظهار ڪيو، وائيس چانسلرز جو چوڻ هو ته هن سال عملدرآمد نٿو ڪري سگهجي. پاليسي تي بهتر انداز ۾عمل جي لاءِ وڌيڪ وقت گهربل آهي. وي سيز جي خدشن کانپوءِ هائير ايجوڪيشن ڪميشن اهڙُو فيصلو في الحال ملتوي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته نوٽيفڪيشن جلد جاري ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو