113

ڪراچي سينٽرل جيل ۾ايم ڪيو ايم لنڊن جو جوابدار پراسرار نموني فوت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينٽرل جيل ڪراچي ۾ قيد ايم ڪيو ايم لنڊن جي جوابدار نعيم پراسرار نموني فوت ٿي ويو. جيل ذريعن جو چوڻ هي ته صبح 5 وڳي اوچتو جوابدار جي طبيعت خراب ٿي پئي، کيس طبي امداد لاءِ سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو، جتي صبح 8 وڳي هو فوت ٿي ويو. 66 ورهين جي ملزم نعيم احمد کي سي ٽي ڊي دهشتگردي ۽ ٻين سنگين ڏوهن جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو هو، ملزم جاچ دوران اهم انڪشاف ڪيا هئا، جنهن بعد فاروق ستار ۽ انيس ايڊووڪيٽ کي به پڇاڳاڇا لاءِ گهرايو ويو هو، پوليس ذريعن جو چوڻ هو ته جوابدار جي موت جو سبب پوسٽ مارٽم کانپوءِ پتو پوندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو