ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني سومر ڏهاڙي نيب آڏو پيش ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي. اسلام آباد ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته نيب ڪراچي جي آفيس ۾بغير ضمانت جي پيش ٿيندس، منهنجي خلاف ڀلي جاچ ڪريو،گرفتار ڪيو،يا وري ڪيس داخل ڪريو،ضمانت نه ڪرائيندس، هن چيو ته 90 ڏينهن جي رمانڊ جي درخواست تي به ڪا به درخواست نه ڪندس،ڀلي ڪارروائي ڪريو، حليم عادل شيخ جي گرفتاري جي مطالبي تي نيب مون کي ڌمڪي ڏئي رهيو آهي.
189