اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي سينيئر اڳواڻ جهانگير ترين جي پٽ علي ترين کي به ايف آءِ اي جو نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ علي ترين کان بئنڪ اڪائونٽس ۽ سيڙپڪاري جو سمورو رڪارڊ طلب ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪاروبار لاءِ بئنڪن يا فيملي ميمبرن کان جيتري رقم ورتي ان جو به رڪارڊ گهريو ويو، گهربل وقت تائين رڪارڊ فراهم نه ڪرڻ تي اڪائونٽس ۽ پراپرٽيز مجمند جو چتاءُ ڏنو ويو آهي.
