لاهور(ويب ڊيسڪ) تعليم کاتي جي وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته سڀني صوبن جو فيصلو آهي ته هن سال امتحان ملتوي يا رد نه ٿيندا، لاهور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته شاگرد هيڏانهن هوڏانهن جي ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ بدران پنهنجي پڙهائي تي ڌيان ڏين، ڪورونا جي ڪري اڳ ۾ ئي شاگردن جي تعليم جو وڏو نقصان ٿيو آهي، جيڪا پڙهائي اسڪولن ۾ٿئي ٿي،اها آن لائن نٿي ٿئي،ٿيل نقصان کي پورو ڪنداسين.
205