ليکڪ: سڪندر خاڪي
سر مائيڪل ھارٽ 100 عظيم شخصيتن تي ھڪ ڪتاب لکيو، جنھن ۾ ھن مذھبي، سياسي، سماجي شخصيتن ۽ سالارن جي سوانح عمري لکي جيڪي تاريخ ۾ انتھائي موثر ۽ پنھنجي پنھنجي دور جون اڳواڻ شخصيتون رھيون ھيون، انھن 100 شخصيتن ۾ سڀني کان مقدم حضرت محمد صه کي رکيائين، ان تقديم واري ترتيب تي عيسائي ڪميونٽي سخت سوال اٿاريا ۽ ٻين ليڊرن جي پوئلڳن به عتراضن جي برسات ڪري ڇڏي پر مصنف وڏي مھارت سان پنھنجي موقف جي تائيد ۾ زبردست دليل پيش ڪيا، انھن مان ھڪ دليل جيڪو دل کي وڻيو ۽ واقعي حضرت محمد صه کي صرف نبي نه پر ھڪ معاشري جو عظيم مصلح ھجڻ جي نظر سان ڏٺو وڃي ته سر مائيڪل ھارٽ جو دليل ضرور انصاف جي دڳ تي ھلندي نظر ايندو، سر مائيڪل ھارٽ پنھنجي موقف تي دليل ڏيندي چيو ته محمد صه جو ذڪر مون منڍ ۾ ان ڪري رکيو ڇو ته ”ھن تاريخ جي صدين کان وھندڙ رخ کي موڙيو“ وڌيڪ ان جي ثبوت جي لاءِ لکيائين ته ٻيا جيڪي به رھنما آيا اھي انساني زندگي جي ڪنھن ھڪ شعبي ۾ مقتدا بڻيا،ڪنھن ھڪ شعبي ۾ پنھنجي توانائي صرف ڪري ان ۾ اصلاح ڪيائون،ڪنھن ھڪ ياچند شعبن ۾ پنھنجي سڃاڻپ ڪرايائون پر محمد صه اھو عظيم ليڊر ھو جيڪو زندگي جي تمام شعبن ۾ قابل تقليد نمونو بڻجي ويو، جتي ھن مسجد ۾ امامت ڪرائي اتي ھو فيصلا ڪندڙ منصف، جج ۽ قاضي به ھئا جتي ھو شب گزار عابد ھو اتي ئي ھو پنھنجي رياست جو والي ۽ حاڪم پڻ ھو، ھن معيشت، تجارت، زراعت، کان وٺي ڪري زندگي جي ھر ان شعبي ۾ جنھن سان انسان جو واسطو پوي ٿو ان ۾ ھن منصفاڻا اصول مقرر ڪيا، عدالتي نظام کي ايترو ته پڪو ڪيائون جو فرمان آھي ته جيڪڏھن منھنجي ڌيءَ فاطمه به چوري ڪندي ته ان جو ھٿ به شريعت موجب وڍيو ويندو، عدالتي نظام جي شفافيت جو اھڙو مثال تاريخ ۾ نٿو ملي، صرف انسان نه پر ھر اھا شي جنھن سان انسان جو زندگي جي ڪنھن به حصي يا موڙ تي واسطو پوي ٿو ان شي جا حق به کولي بيان ڪيائون، ھر انسان جي حيثيت ۽ ان جي ذميوارين جون حدون به مقرر ڪيائون ته جيئن ھڪ اھڙو سلڇڻو معاشرو وجود ۾ اچي جنھن ۾ ھر مسافر پنھنجي سواري تي پنھنجي سامان سان گڏ آزادي سان سفر ڪري سگھي، واقعي دنيا ڏٺو ته عرب جو اھو بگڙيل ۽ وکريل معاشرو جنھن ۾ برائي انھن جي طبيعت بڻجي چڪي ھئي، خامين جو تعارف خوبين سان ٿيڻ لڳو جنھن معاشري ۾ نيڪي ۽ بدي جو ڪو پيمانو ڪونه ھو، نسلي عصبيت تي فخر ڪرڻ انھن جو محبوب مشغلو ھو انسان جي حيثيت ڪيڙي ماڪوڙي کان گھٽ ھئي ان ڪري جو طاقتور غريبن کي ائين لتاڙيندا ھئا جيئن انسان ھلڻ مھل جُتيءَ ھيٺان زمين لتاڙى ٿو، ڌيءُ عيب ڀريل نظرن سان ڏٺي ويندي ھئي، پنھنجي ڪِريل حرڪتن تي اھڙا دليل ڏيندا ھئا جن تي عقل مٿي ۾ مٽي وجھي ماتم ڪري، مطلب اھي سڀ خرابيون ۽ برائيون جن کي شيطان ممڪن حد تائين ڌرتي تي آڻي سگھيو ٿي، اھي برايون عرب پنھنجي معاشري ۾ رائج ڪري چڪا ھئا، ڪنھن جي وھم گمان ۾ به ڪونه ھو ته ڪئين صدين کان وٺي جن براين جا عرب عملدار ئي نه پر پھريدار بڻجي پئي آيا اھي سڀئي عادتون ڪير 23 سالن جي ٿورڙي عرصي ۾ ختم ڪرائي ويندو؟ پر محمد صه پنھنجي محنت ، ارادن جي پختگي، مقصد سان عشق ۽ طبيعت جي سچائي سبب ان وھندڙ سيلاب آڏو ديوار بڻجي بيٺو، ھڪ ٻئي جو رت پيئندڙ خوني عربن کي محبت جا جام پياريائين، ھڪ ٻئي جا حق کسڻ وارن کي اخوت ڀائيچاري جو پيغام ڏنائين، ھڪ ٻي جي وات جو گرھه ڇنڻ وارا ايثار ۽ ھمدردي جو نمونو بڻجڻ لڳا، نتيجي ۾ تاريخ انھن کي اھڙن سونن اکرن سان ڀيٽا پيش ڪئي جيڪا ٻي ڪنھن جي حصي ۾ ڪونه آئي، سوال اھو آھي ته جيڪا قوم جبلن کان وڌيڪ مضبوط ارادن جي مالڪ، ھٺيلي طبيعت رکندڙھئي، ان کي ان جاءِ تان ھٽائڻ واري ڪھڙي طاقت ھئي؟ اھو ڪھڙو نسخو ھو جنھن پٿردل ماڻھن جي دلين کي ميڻ بڻايو، غور ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته اھا طاقت صرف ۽ صرف قرآن جي ھئي، جنھن جي عظيم تعليمات جي ذريعي معاشرتي براين جي پاڙ پٽي اخلاق جو ٻج ڇٽيو ويو، اڄ اسان پنھنجي معاشري تي نظر ڪيون ته اسان جي معاشري ۾به اھي سڀ برائيون موجود آھن جيڪي رسول الله جي بعثت کان اڳ ۾ موجود ھيون، اسان جي سامھون اھو ڪامياب تجربو موجود آھي ته حضور صلى الله عليه وسلم جن قرآن مجيد جي مشفقانه تعليمات کي عملي طور تي لاڳو ڪري عرب کي ھڪ مثالي معاشرو ڏنو، اسان به ھر روز نوان تجربا ڪرڻ بدران ان تجربي کي ھڪ ڀيرو وري آزمائي ڏسون، يقين آھي ته اسان جو معاشرو به باقي دنيا وارن لاءِ روشن مثال بڻجي ويندو.