216

قديم سڀيتائن جي اڀرڻ ۾ درياهن جو ڪردار…

ليکڪ: انجنيئر گلاب مري

ڌرتي جو ٽي ڀاڱي چار حصو پاڻي سان ڍڪيل آهي گرمي جو درجو وڌڻ سان پاڻي ٻاڦ بڻجي مٿي اڏامي ٿو. انتهائي بلندين تي گرمي جو درجو گهٽ هوندو آهي، جنهن ڪري ٻاڦ واپس ڪڪرن جي شڪل اختيار ڪري ٿي. اڃا به گرمي گهٽجڻ سان انهن ڪڪرن ۾ موجود پاڻي جا ڦڙا ڪجهه وزني ٿي زمين تي برسات جي صورت ۾ وسڻ شروع ڪندا آهن ۽ ائين پاڻي مهيا ٿيندو رهندو آهي، جڏهن اونهاري جي موسم ۾ گرمي جو درجو وڌڻ لڳندو آهي ته ڌرتي جي قطبن وٽ ڄميل برف آهستي آهستي پگهرجڻ لڳندي آهي، اوچن جبلن تي سياري ۾ برف باري ٿيندي آهي اها برف به، اونهاري ۾ گرمي جي درجي ۾ واڌ اچڻ جي ڪري رجڻ شروع ٿيندي آهي ۽ چوماسيءَ هوائن جي ڪري برساتون به ڳچ وسنديون آهن. نتيجي ۾ درياهن ۾ پاڻي جو وهڪرو ڪجهه وڌي ويندو آهي، اڪثر ڏٺو ويو آهي ته درياهن جا ماخذ اوچا جبل هوندا آهن، جتان کان درياھه وهندي هزارين ميلن جو سفر طئي ڪرڻ کانپوءِ سمنڊن ۾ ڇوڙ ڪن ٿا. بنيادي طور درياهن جا ٽي وهڪرا ٿيندا آهن. درياهن جا مٿيان وهڪرا، گهڻي قدر جابلو علائقن جي عمودي لاهين ۾ هوندا آهن، گهڻو ڪري درياهن جو هي ڀاڱو ٿڌو، چٽو، صاف ۽ تيزي سان وهندڙ هوندو آهي، درياهن جي وچولي وهڪري ۾، درياهه اڪثر ڪري ور وڪڙن واري انداز ۾ وهندا آهن هن حصي ۾ درياهه گهٽ عمودي ايندا آهن ۽ پاڻي جو وهڪرو پڻ وچٿرو هوندو آهي، درياهن جي وهڪري جي هن حصي ۾ ذرڙن جي باربرداري جاري رهندي آهي ۽ پاڻي جو ترو لوڻ ۽ مٽيءَ جو ميلاپ بڻجي ويندو آهي، جنهن کي لَٽَ چئبو آهي، درياهن جو هيٺيون وهڪرو اهو مرحلو هوندو آهي، جتي درياهَه پنهنجي ٿوري لاهي جي ڪري، هوريان وهندا آهن ۽ اهي ڪنهن خوبصورت ڍنڍ جو ڏيک ڏيڻ لڳندا آهن، درياهن جو وڪڙ هيٺين زمين وارو حصو، لُڙاٽيل ۽ ٿوري گرم پاڻي تي ٻڌل هوندو آهي، جيڪو وڌيڪ هوريان وهندو آهي هن حصي ۾ درياهن جي پيٽ ۾ ٻوٽا ڦٽندا آهن ۽ هن مرحلي تي گهڻي ڀاڱي، لَٽَ جمع ٿيندي آهي،  درياهن جي ماضيءَ ۾ به گهڻي اهميت هوندي هئي جڏهن روڊ رستا تعمير ڪونه ٿيا هئا ته درياهه واپار لاءِ  اهم ليکيا ويندا هئا، دنيا ۾ جيڪو به وڻج ۽ واپار ٿيندو هو، اهو درياهن جي وسيلي ئي ٿيندو هو. اهوئي سبب آهي ته دنيا جون قديم ترين تهذيبون درياهن جي ڪنارن تي اُسريون آهن، اڄ به دنيا جا وڏا ۽ مشهور شهر درياهن جي ڪنارن تي آباد آهن، حيدرآباد، سکر ۽ روهڙي، سنڌو درياهه جي ڪناري تي، بهاولپور، ستلج درياهه جي ڪناري تي، لاهور، راوي درياهه جي ڪناري تي، آگره (هندستان) جمنا درياهه جي ڪناري تي، قاهره (مصر) نيل درياهه جي ڪناري تي، وينس (اٽلي) آرنو درياهه جي ڪناري تي، نيويارڪ (آمريڪا) هڊسن درياهه جي ڪناري تي، پئرس (فرانس)، رائين درياهه جي ڪناري تي آباد آهن،  پٿر واري دور ۾ به اوائلي انسان درياهن جي ڪنارن تي رهڻ پسند ڪيو، ڇاڪاڻ ته درياهن مان مڇيءَ جي صورت ۾ هن کي خوراڪ پئي مهيا ٿي ۽ درياهن جي وهڪرن ۾ هن کي لسا پٿر ملندا هئا جنهن مان هو هٿيارن جو ڪم وٺندو هو ۽ شڪار لاءِ انهن پٿر جي ٺهيل هٿيارن کي استعمال ڪندو هو، جڏهن اوائلي انسان ڌرتيءَ جي سيني ۾ ٻج پوکڻ جو هنر ڄاڻي ورتو ته پوءِ درياهن جي پاڻي کي زراعت لاءِ استعمال ڪرڻ لڳو ۽ جَجهي مقدار ۾ اناج حاصل ڪرڻ لڳو، جڏهن ڪنهن سال برساتون معمول کان وڌيڪ وسنديون هيون ته درياهن ۾ پاڻي چاڙهه ڪندو هو ۽ درياهه اڪثر انهي وڌيڪ پاڻي کي وهائي نه سگهندا هئا، تنهن ڪري رُخ تبديل ڪندا هئا ۽ ڪنارن تي آباد وسندين کي ٻوڙي تباهه ڪري ڇڏيندا هئا. درياهن جي اهميت اڄ به تمام گهڻي آهي، اوائلي انسان درياهن جي پاڻي کي سڄي سال لاءِ ته استعمال ڪونه ڪري سگهندو هو، ڇاڪاڻ ته درياهه مينهوڳيءَ جي مند ۾ پنهنجي پوري جوڀن ۾ وهندا هئا پر برساتن جي مند کانپوءِ انهن جو وهڪرو گهٽجي ويندو هو، اڄ جي انسان درياهن تي بند ٻڌي سڄي سال لاءِ درياهن جو پاڻي زراعت لائق بڻائي ڇڏيو آهي،  اڄ جو انسان هڪ طرف ته درياهن تي ڊئم تعمير ڪري بجلي پيدا ڪري ٿو ۽ ملڪي معيشت کي مضبوط بڻائي ٿو ته ٻئي طرف درياهن جي قدرتي وهڪرن جي رستا روڪ ڪري درياهن جي ڊيلٽائن کي سُڪائي ٿو،  جنهن ڪري سمنڊ اڳتي وڌي لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي چڪو آهي، سمنڊن اندر ڪجهه آبي جيوت اھڙي به آهي جيڪا کاري ۽ مٺي پاڻي جي ميلاپ تي زندهه رهي ٿي، ڊئم ٺاهڻ جي ڪري سمنڊن ۾ مٺو پاڻي گهٽ وڃي ٿو يا صفا وڃي ئي نه ٿو،  اهو به هڪ قسم جو نقصان آهي جنهن ڪري اهڙي  خاص قسم جي آبي جيوت گم ٿيندي  پئي وڃي،  اڄ  دنيا جي مشهور درياهن نيل، دجلا ۽ سنڌو درياهه تي ڊيم تعمير ڪري انهن جي قدرتي وهڪرن ۾ بگاڙ پيدا ڪيو ويو آهي، ساڳئي مهل ڊيم پاڻي سان سفر ڪري ايندڙ مڇيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجي ٿو ۽ حياتيءَ جي ڦيري کي بي ترتيب ڪري ٿو،  ٻيو نقصان اهو ٿيو آهي ته درياهن جا ڊيلٽا تقريبن سُڪي ويا آهن، نتيجي ۾ سمنڊ اڳتي وڌڻ شروع ٿيو آهي، سنڌ جي ساحلي علائقن ۾ سمنڊ تقريبن 35  لک ايڪڙ زرعي زمين ڳڙڪائي چڪو آهي،  اڄ جو انسان هڪ طرف سوين ڪارخانا قائم ڪري مختلف صنعتي پيداوار حاصل ڪري ٻاهرين ملڪن کي وڪڻي عالمي ناڻو حاصل ڪري ٿو ته ٻئي طرف ڪارخانن ۽ صنعتن مان نڪتل گندي پاڻي ۽ مختلف قسمن جي ڪيميائي مرڪبن کي درياهن ۽ سمنڊن ۾ ڇوڙ ڪري ٿو جنهن ڪري درياهن ۽ سمنڊن جو پاڻي گدلاڻ  جو شڪار ٿئي ٿو ۽ مڇيون، جهينگا، گانگٽ ۽ وڏا جانور مري وڃن ٿا، اڄڪلهه ته بئراجن جو نظام ٺاهڻ ۽ زمين ۾ گهڻو پاڻي وڃڻ ڪري جيڪا سِم پيدا ٿي آهي ان پاڻي کي ۽ زمين جي اندر مٿي ٿيل جر جي پاڻي کي ٽيوب ويلن ذريعي ڍنڍن، درياهن ۽ سمنڊن ۾ ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو، اهو پاڻي نهايت زهريلو هوندو آهي، ان پاڻي ۾ زراعت ۾ استعمال ٿيندڙ جيت مار دوائن جو زهر شامل هوندو آهي جيڪو نه ته پيئڻ لائق آهي ۽ نه وري آبي حيات لاءِ قابل قبول هوندو آهي، جنهن ڪري ڪيترين مڇين جا قسم مري ختم ويا آهن، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته درياهن جي ڊيلٽائن کي سُڪڻ کان بچائڻ گهرجي. خاص ڪري سنڌو درياهه جي ڊيلٽا کي سُڪڻ کان بچايو وڃي ته جيئن سنڌ جي ساحلي ضلعن ٺٺو ۽ بدين جي وڌيڪ لکين ايڪڙ زمين سمنڊ جي ڳڙڪائڻ کان بچي وڃي، گڏوگڏ آبي گدلاڻ کي گهٽايو وڃي هر هڪ شهري کي پنهنجي ذميواريءَ جو احساس ڪرڻ گهرجي ته جيئن آبي گدلاڻ کي روڪي سگهجي ۽ آبي جيوت جو ٿيندڙ نقصان ڪنهن حد تائين گهٽائي سگهجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو