193

مڪاني نظام ۽ چونڊيل نمائندن جي ڪارڪردگي؟

ليکڪ: نور خان بکراڻي

دُنيا جي مُختلف ملڪن ۾ حڪومتون قائم ڪرڻ لاءِ مُختلف قسم جا نظام جُڙيل آھن. ھڪڙن ملڪن ۾ بادشاھت قائم آھي ته وري ڪٿي شھنشاھيت، ڪن رياستن ۾ مَلوُڪيت، ڪٿي جمھوريت ته وري بدقسمتيءَ سان ڪن ملڪن ۾ آمريت جو راڄ آھي، اسان جي پياري ملڪ پاڪستان ۾ حڪومت ھلائڻ لاءِ وفاقي طرز جو ھڪ پارلياماني جمھوري سرشتو موجود آهي، جيڪو ٻن ايوانن تي ٻڌل آهي. سينيٽ کي ملڪ جو مٿيون ايوان سڏيو وڃي ٿو جيڪو قانون ساز ادارو آھي، جنھن جا ڪل ٽوٽل 104 ميمبر ھوندا آھن. ھڪ سينيٽر جو مدو 6 سال ھوندو آھي. ٻئي طرف قومي اسيمبلي کي ملڪ جو ھيٺيون ايوان  سڏيو ويندو آهي. قومي اسيمبلي جي ميمبر شپ حاصل ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ھر پنجين سال عام چونڊون ڪرائي اڪثريت سان چوُنڊجي آيل سياسي پارٽي  کي حڪومت سونپيندي آهي، جيڪا وفاقي حڪومت ٺاهڻ لاءِ پنھنجو وزيراعظم يعني ليڊر آف ھائوس مقرر ڪندي آهي. پاڪستان ھڪ وفاقي طرز جو جمھوري ملڪ آھي، جيڪو بنيادي طور تي چئن صوبن ۽ ھڪ انتظامي صوبي گلگت بلتستان تي ٻڌل آهي. ان کانسواءِ فاٽا ۽ گاديءَ واري علائقي جو سنگم پڻ آهي. وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ قومي اسيمبليءَ جي ٽوٽل 342 سيٽن مان پنجاھه سيڪڙو کان مٿي سيٽ حاصل ڪرڻ واري پارٽي اقتدار جي ڪرسيءَ تي ويهندي آهي. جمھوري پارلياماني طرز حڪومت واسطي وزيراعظم ملڪ ۾ حڪومت جو سربراھ ھوندو آھي ۽ صدر وري رياست جو سربراھ ھوندو آھي، جڏھن ته صوبن ۾ الڳ خود مختيار صوبائي حڪومتون قائم ٿينديون آهن ۽ انھن جا انتظام صوبن جي اڪثريتي سياسي پارٽين حوالي ڪيا ويندا آهن،  ھر صوبي جو پنھنجو چيف ايگزيڪيوٽو يعني وزير اعليٰ ٿيندو آھي. صوبائي حڪومت جي ماتحت وري مڪاني کاتي جو سرشتو موجود آھي. ھن نظام جو بنيادي مقصد اختيارن جي ھيٺين سطح تي مُنتقلي آھي، جنھن جو خاص مقصد عوامي مسئلن کي سندن درن تي ھيٺين سطح  تي حل ڪرڻ جي ذميواري سوُنپيل آھي، ياد رهي ته هي مڪاني کاتي وارو نظام اڳوڻي صدر جنرل ايوب خان 1962ع ۾ بنيادي جمهوريت  جي نالي سان مُتعارف ڪرايو هو. اڳوڻي فوجي آمر پرويز مُشرف اڳتي هلي 2001ع ۾ ترميم ڪري ان کي مڪاني کاتي واري نظام جو نالو ڏنو، مڪاني نظام مطابق ھر ضلعي جو پنھنجو چيئرمين، ٽائون چيئرمين، يونين ڪاؤنسل چيئرمين چئن سالن جي مدي لاءِ چونڊيا ويندا آھن ۽ انھن جي مدد لاءِ وري ڊپٽي ميئر يا نائب چيئرمين مقرر ٿيل آهن، جنرل پرويز مشرف مڪاني کاتي کي وڏا اختيار ڏئي ۽ تمام گھڻي بجيٽ حوالي ڪئي ته جيئن عوام جا بنيادي مسئلا جلد ۽ آسانيءَ سان سندن خواهشن مطابق سندن درن تي حل ٿي سگھن. پر بدقسمتيءَ سان ھي نظام به عوام لاءِ گھڻو لاڀائتو ثابت ٿي نه سگهيو آهي ۽ چونڊجي آيل نمائندن پنھنجي اختيارن جي  ناجائز استعمال  وسيلي تمام گھڻي ڪرپشن ڪئي آهي ۽ ڪروڙين رپين جي بجيٽ عوامي مسئلن تي خرچ ٿيڻ بدران خُرد بُرد  ذريعي چوُنڊيل عوامي نمائندن ۽ ڪامورن جي کيسي  ۾ ھلي وئي  اھو ئي سبب آهي جو اڄ ڏينھن تائين ڳوٺن توڙي شھرن ۾ رھندڙ عوام جا ڏُک، اَھنج ۽ بنيادي مسئلا حل ٿيڻ بدران  وڌي رھيا آھن مڪاني کاتي جا عملدار توڙي نمائنده ٿورڙي ئي عرصي ۾ ڪَک پَتي مان لک پتي بڻجي ويا، پر غريب عوام اڄ به اجهي، لٽي ۽ ٻن  وقتن جي  مانيءَ لاءِ پريشان ۽ دربدر آهي،  ھر يونين ڪائونسل جي چيئرمين کي يوسي جي غريب عوام لاءِ  مليل سلائي مشينون، معذورن لاءِ  ويل چيئرز، سولر انرجي جون پليٽون، سولر پکا، سولر لائيٽون، ڳوٺن ۾ پاڻي جا نَلڪا، رستن تي پليون تعمير ڪرڻ لاءِ بجيٽ، ٽف ٽائيل سرن واريون گھٽيون ٺاهڻ، عيد گاهه يا قبرستانن جي چوديواري ۽ ڊرينيج سسٽم کي بھتر بنائڻ لاءِ ڪروڙين رپين جي بجيٽ مال غنيمت سمجھي ھڙپ ڪري ويا،  موجوده بلدياتي نظام جو چئن سالن وارو مدو 31 آگسٽ 2020ع تي پورو ٿي ويو ھو ۽ ضلعي ميئر، ڊپٽي ميئر، چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ ڪائونسلر فارغ ٿي گھر ھلي ويا، ڏٺو وڃي ته مجموعي طور تي چُونڊيل نمائندن جي ميونسپل ڪارپوريشنز، ميونسپل ڪاميٽيز، ٽائون ڪاميٽيز ۽ يوسيز جي ڪارڪردگي انتھائي مايوس ڪندڙ ۽ عوام لاءِ بي فائده ۽ غير مُؤثر ثابت ٿي آھي، عوامي مفادن کي ترجيح ڏيڻ بدران نمائندا رڳو مال ميڙڻ ۽ پنھنجا گھر ڀرڻ ۾ مصروف نظر پئي آيا ۽ کين پُڇڻ يا روڪڻ وارو ڪير به نه هو، ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، سکر، ميرپور خاص، ۽ ٻين سڀني وڏن ۽ ننڍن شھرن سميت اڪثر ضلعن ۽ تعلقن ۾ صفائي سُٿرائي، ڊرينيج سسٽم، روڊ رستن ۽ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جا مسئلا مڪمل طور تي حل ٿي نه سگھيا آهن، پر انھن کي حل ڪرڻ لاءِ مليل ڪروڙين رپين جا فنڊز ڪڍرائي فقط ڪاغذي ڪارروائي وسيلي خانا پورا ڪري ڏيکاريا ويا آھن، ڏسجي ته موجوده مڪاني کاتي واري نظام ۾ تمام گھڻيون خرابيون ۽ جھول موجود آهن  جن کي ايندڙ بلدياتي اليڪشن کان پهرين ترميم ۽ اصلاح وسيلي دُرست ڪرڻ جي ضرورت آهي، ته جيئن عوام لاءِ مُختص ڪيل ڪروڙين رپين جي بجيٽ ڪرپشن جي ور چڙهي وڃڻ بدران  عوام جي بنيادي مسئلن تي خرچ ٿي سگھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو