ليکڪ: شاهد ڪيهر
سنڌ ۾ امن لاءِ پوليس جو ڪردار انتهائي اهم رهيو آهي، صوبي ۾ امن امان قائم رکڻ لاءِ پوليس جي قربانين کي ڏسندي سنڌ حڪومت پاران ڊيوٽي دوران شهيد ٿيندڙ محافظن جي پونئيرن کي مالي توڙي روزگار جي فراهمي لاءِ بهتر قدم پڻ کنيا ويا آهن، جنهن سان پوليس کاتي جي جوانن ۾ پڻ اُتساهه پيدا ٿيو آهي ميرپورخاص ۾ 9 جون 2021 تي فجر مهل هڪ واقعو پيش آيو، جڏهن غريب آباد ٿاڻي جو هيڊ ڪانسٽيبل ذوالفقار سومرو ڊيوٽي دوران گھران ضروري ڪم هجڻ جو فون اچڻ بعد موڪل وٺي گھر موٽڻ وقت هٿيار بند جي سڌي فائرنگ ۾ شهيد ڪيو ويو پوليس اهلڪار کي فائرنگ ڪري شهيد ڪرڻ وارو واقعو لڳ ڀڳ هڪ مهينو گذرڻ جي باوجود ميرپورخاص پوليس لاءِ ڳجھارت بڻيل آهي، ۽ پوليس پنهنجي پٽي ڀائي جا قاتل گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي، پوليس اهلڪار کي شهيد ڪرڻ واري واقعي جو سندس ڀاءُ ممتاز علي سومرو جي فرياد تي قتل ۽ دهشتگردي ايڪٽ تحت نامعلوم جوابدار خلاف داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو آهي ته سندس ڀاءُ هيڊ ڪانسٽيبل ذوالفقار سومرو غريب آباد ٿاڻي تي نائٽ شفٽ ۾ ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ ويل هو ته کيس گھران فون آيو ته سندس زال جي طبيعت خراب آهي، جنهن تي هو گھر اچي رهيو هو ۽ کيس وٺڻ لاءِ سندس پٽ نواز علي ۽ ڀائٽيو نعمان علي موٽرسائيڪل تي ويا ته 110 شاخ لڳ هنن ڏٺو ته موٽرسائيڪل تي ويٺل هڪ همراهه جنهن جي هٿ ۾ پسٽل هو ان ذاولفقار سومرو مٿان سڌا فائر ڪري ڏنا ۽ فائرنگ ڪرڻ بعد موٽر سائيڪل تي سوار ٿي فرار ٿي ويو، جنهن کي اسين ڏسي سڃاڻي سگھون ٿا پر ان باوجود عملدارن وارثن کان فائرنگ ۽ قتل ۾ ملوث جوابدار جي سڃاڻپ ۽ گرفتاري ۾ مدد لاءِ اسڪيچ (تصوير) به نه ٺهرائي آهي، جڏهن ته پوليس اهلڪار جي شهادت واري واقعي بعد ايس ايس پي ميرپورخاص پاران آءِ ٽي اسپيشلسٽ ۽ سي آءِ اي انچارج غلام حسين سڌايو، عنايت زرداري ۽ وقتي ايس ايڇ او غريب آباد عابد نون تي ٻڌل ٽيم جوڙي جديد ٽيڪنالاجي ذريعي جيوفينسنگ ڪري فون ڪال ۽ ٻيو رڪارڊ هٿ ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون هيون پر ان باوجود ڪيس ۾ ڪنهن به قسم جي اڳڀرائي نه ٿي سگھي آهي ۽ وردي ۾ شهيد ٿيل اهلڪار جا وارث انصاف جي اوسيئڙي ۾ ويٺل آهن، جڏهن ته ڊيوٽي تان موٽندي وردي ۾ شهيد ٿيل اهلڪار کي هن وقت تائين سرڪاري طور شهيد پڻ قرار نه ڏنو ويو آهي جنهن ڪري وارثن جي اهنجن ۾ اضافو ٿي ويو آهي، شهيد پوليس اهلڪار جي قاتلن جي گرفتاري ۽ کيس سرڪاري سطح تي شهيد قرار نه ڏيڻ بابت جڏهن روزاني ” سوڀ“ پاران جاچ آفيسر افضل مڱسي سان رابطو ڪيو ويو ته هن جو چوڻ هو ته پوليس اهلڪار جي قتل جي سرزمين شهر کان ڳچ پنڌ تي هجڻ ۽ فجر مهل واقعو ٿيڻ سبب اکين ڏٺا شاهد نه ملي سگھيا آهن ۽ سرزمين تان خاص شاهديون نه ملڻ جي ڪري ڪجهھ پريشانيون پيش اچي رهيون هيون، جنهن سان ڪيس کي جلد اڳتي وڌائي سگھجي پر جيو فينسنگ ذريعي ڪجهھ اهم شاهديون هٿ آيون آهن ۽ جوابدار جي حوالي سان ڪجهھ ڪليو مليا آهن جن جي آڌار تي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن جنهن سان شهيد اهلڪار جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري وٺنداسين، ڊيوٽي تان گھر ويندي وردي ۾ هٿياربند هٿان شهيد ٿيل پوليس اهلڪار کي سرڪاري طور شهيد ڊڪليئر ڪرڻ بابت سوال تي هن جو چوڻ هو ته اهو فيصلو آءِ جي سنڌ جي مقرر ڪيل ٽيم پاران ڪيو ويندو، جنهن لاءِ اسان کي بيان ڏيڻ لاءِ گھرايوويندو آهي، اسان جي بيانن ۽ جاچ بعد ڪاميٽي شهيد ٿيڻ يا نه ٿيڻ جو فيصلو ڪندي آهي، مون کي اڃا تائين ان حوالي سان بيان ڏيڻ لاءِ طلب نه ڪيو ويو آهي، طلب ڪيو ويو ته سڄيون زميني حقيقتون سامهون رکندس، پوليس جي اختيارين کي گھرجي ته شهيد پوليس اهلڪار جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتار نه ٿيڻ جو نوٽيس وٺي شهيد اهلڪار جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ماهر پوليس آفيسرن تي ٽيم جوڙي کين گرفتار ڪري وارثن کي انصاف ڏيڻ سان گڏ پوليس جي جوانن ۾ ساٿي اهلڪار جي قتل ۾ ملوث جوابدار جي عدم گرفتار سبب پيدا ٿيل مايوسي ختم ڪئي وڃي ۽ وردي ۾ شهيد ٿيل اهلڪار کي شهيد قرار ڏيڻ جي حوالي سان جلد فيصلو ڪيو وڃي ته جيئن سندس وارثن کي گهربل سهولتون ملي سگھن.