ايڊيٽوريل
نيپرا پهرين آڪٽوبر کان اڳوڻي واپڊا جي بجلي ورهائڻ وارين ڪمپنين جي صارفين لاءِ بجلي 2.97 رپيا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اخباري رپورٽن مطابق نيپرا جي جاري ڪيل ٽيرف (ايس او ٽي) جي شيڊول ۾ ٽيرف ۾ واڌ ۾ گهريلو سارفين کي ڇڏي سمورن گراهڪن لاءِ في يونٽ ۾ 1.25 رپيا واڌو سرچارج پڻ شامل آهي. ايس او ٽي مطابق 300 يونٽن تائين بجلي استعمال ڪندڙ گهريلو صارفين لاءِ ٽيرف ۾ واڌ نه هوندي، جڏهن ته ان کان مٿي بجلي استعمال ڪندڙ گراهڪن مٿان 1.72 رپيا في يونٽ واڌ لاڳو هوندي. ڪمرشل ۽ صنعتي يونٽن ۾ رهائشي ڪالونين ۽ زراعت سميت سمورين ڪيٽيگرين لاءِ في يونٽ 2.97 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي ۽ زرعي ٽيوب ويلن لاءِ 2.66 رپيا في يونٽ واڌ هوندي. اخبار مطابق هڪ عهديدار ٻڌايو ته ٽيرف جي مڪمل ايڊجسٽمينٽ سان 135 ارب رپيا حاصل ٿيندا. نيپرا چيو آهي ته وفاقي حڪومت کي بجليءَ بابت سروس جي فراهمي جي سلسلي ۾ مالي ذميوارين جي تڪميل جي ڪجهه مقصدن لاءِ سرچارج لڳائڻ جي اجازت حاصل آهي. توانائي واري وزير حماد اظهر ٻڌايو ته جمعي تي لوڊشيڊنگ 600 کان 1500 ميگاواٽ وچ ۾ هئي، جيڪا ڪجهه ڏينهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي. هن چيو ته وڌيڪ نقصان ۽ چوريءَ وارن علائقن ۾ به بجلي جي گهٽتائي ٿي آهي، طلب پوري ڪرڻ لاءِ بجلي فراهم ڪئي وئي ته گردشي قرض وڌي ويندا. هن چيو ته صنعتي کپت ۾ گذريل سال 14 سيڪڙو ۽ عام صارفين ۾ 7 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. ٻئي طرف پ پ جي سينيٽر ۽ سينيئر اڳواڻ شيري رحمان پيٽروليم مصنوعات ۽ بجليءَ جي اگهن ۾ واڌ تي بيان ۾ چيو آهي ته پيٽروليم ليوي تي 610 ارب رپين کانپوءِ حڪومت بجليءَ جا اگهه 2.97 رپيا في يونٽ وڌائي ڇڏيا آهن، جنهن سان عوام تي 135 ارب رپين جو واڌ بار پوندو. هن چيو ته سڀ کان حيران ڪندڙ ڳالهه اِها آهي ته هاڻ هڪ آرڊيننس ذريعي وفاقي حڪومت بجليءَ جي اگهن ۾ واڌ جو اختيار ورتو آهي. بجيٽ جا نتيجا قيمتن ۾ واڌ جي صورت ۾ اچڻ شروع ٿي ويا آهن، هڪ ڏينهن پيٽرول ۽ ٻئي ڏينهن بجلي مهانگي ڪئي وئي آهي، هي اهي ماڻهو آهن جيڪي بجيٽ کان اڳ اگهه نه وڌائڻ جي دعويٰ ڪندا هئا، جيڪڏهن توهان بجلي ڏئي نٿا سگهو ته اگهه ڇو پيا وڌايو. هن چيو ته بجليءَ جي اگهن ۾ واڌ واپس ورتي وڃي. اسان سمجهون ٿا ته بجيٽ کان اڳ ۽ بجيٽ وقت آزاد معاشي ماهرن ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻن جيڪي خدشا ڏيکاريا هئا اهي درست ۽ حڪومتي دعوائون غلط ثابت ٿي رهيون آهن. خزاني واري وزير هڪڙو ڀيرو نه پر 15 ڀيرا اها دعويٰ ڪئي هئي ته بجليءَ جا اگهه نه وڌايا ويندا، ڇو ته انهن سان مهانگائي وڌي ويندي ۽ حڪومت عوام مٿان بار نه وجهندي پر لڳي ٿو ته اهو لولي پاپ رڳو بجيٽ پاس ڪرائڻ لاءِ هو ۽ هاڻ حڪومت مهانگائي جا پهاڙ ڪيرائي عوام جو رهيل رت به چوسڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ڇو ته پيٽروليم مصنوعات جا اگهه وڌائي 610 ارب رپيا ۽ بجليءَ جي اگهن مان 135 ارب رپيا عوام کان اوڳاڙيا ويندا. اسان سمجهون ٿا ته عوام جي چونڊيل حڪومت جڏهن عوام سان واعدا ڪندي آهي ته پوءِ ان جو وفا ٿيڻ لازم هوندو آهي. خبر نه ٿي پوي ته آخر وزيراعظم کي اهڙائي صلاحڪار ڇو ٿا ملن جيڪي عوام مٿان وڌيڪ بار جون صلاحون ڏين ٿا. بجيٽ کانپوءِ مهانگائي جو هڪ طوفان اچي ويو آهي، جنهن ۾ هر شيءِ جي اگهن کي پر لڳل آهن. حڪومت کي سنجيدگيءَ سان مهانگائي گهٽائڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن، جيئن ٽن سالن کان پيڙهجندڙ عوام کي رليف ملي سگهي.