اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم جي ڪوٽلي لائنز جي اونرز سان ملاقات، دلچسپ جملن جي ڏي وٺ، اڳوڻو ڪپتان وسيم اڪرم ڪوٽلي لائنز جي اونرز سان گڏ اسلام آباد پهتو، خالد ضيا ۽ ناصر يوسف سان دلچسپ جملن جي ڏي وٺ پڻ ٿي، ان موقعي تي وسيم چيو ته ناصر ڀاءُ وزن گهٽ ڪيو، ٽيم جي لاءِ مثال بڻجو، جنهن تي ناصر يوسف چيو ته وسيم ڀاءُ جو حڪم اکين تي، ليگ کان پهرين وزن گهٽ ڪري ڏيکاريندس.
