205

سوات جي غيرتمند عوام عمران خان جو هر اول دستو آهي : فرخ حبيب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڪوويڊ 19 جي ڪري دنيا جون معيشتون ويهي رهيون پر پاڪستان ۾ عمران خان جي ڪامياب حڪمت عملي جي ڪري نه رڳو معيشت ترقي ڪري رهي آهي پر زندگين ۽ روزگار کي به تحفظ مليو، (ن) ليگ جي غلط پاليسين سان روانگي واپار، سروسز سميت هر شعبو نقصان ۾ هو، عمران خان جي قيادت ۾ روانگي واپار بشمول سروسز ۾ 31 ارب ڊالر جو اضافو ٿيو، لنڊي جي سوغات سوات جي عوام کي گمراهه ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهندي، سوات جي غيرتمند عوام عمران خان جو هر اول دستو آهي. سرڪٽ هائوس فيصل آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته 2013ع ۾ ريميٽنس 13921 ملين ڊالر، 2014ع ۾ 14837 ملين ڊالر، 2015ع ۾ 18719 ملين ڊالر، 2016ع ۾ 19916 ملين ڊالر، 2017ع ۾ 19335 ملين ڊالر، 2018ع ۾ 19913 ملين ڊالر، 2019ع ۾ 21739 ملين ڊالر، 2020ع ۾ 23132 ملين ڊالر، 2021ع ۾ 29200 ملين ڊالر رهي. هن ٻڌايو ته 2021ع ۾ ريميٽنس ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي، سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستاني عمران خان تي اعتماد ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پرڏيهي ناڻي، مٽاسٽا جي ناڻي ۽ روانگي واپار ۾ اضافي جو سبب اهو آهي ته اسان جي قائد عمران خان نه ته ٻاهرئين ملڪ ۾ ڪا ملڪيت ٺاهي ۽ نه ئي مني لانڊرنگ ڪئي ۽ نه جعلي اڪائونٽس جو سهارو ورتو. هن چيو ته (ن) ليگ جي دور ۾ نان ڊيبٽ روينيو 10 ارب ڊالر هو پي ٽي آءِ حڪومت ۾ اهو 60 ارب ڊالر تائين پهچي ويو. هن چيو ته ڪورونا جي ڪري دنيا جون وڏيون وڏيون معيشتون ويهي رهيون، ڪيترائي ملڪ اهڙا آهن جن جون معيشتون بئنڪ ڊيفالٽ جي حد تائين پهچي ويون، ڪورونا وبا جي دوران مخالف ڌر اسان تي به مڪمل لاڪ ڊائون جي لاءِ دٻاءُ وجهندي رهي، مشورو ڏيندڙن غريب ماڻهن نه سوچيو، وزيراعظم مخالفت جي باوجود مڪمل لاڪ ڊائون بدران سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي اختيار ڪئي، ڪورونا دوران مڪمل لاڪ ڊائون نه لڳائڻ سان معيشت ۾ بهتري آئي. هن چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ سال ۾ 60 ارب ڊالر ملڪ ۾ آيا، موجوده حڪومت ملڪ ۾ رڪارڊ ڊالر ملڪ ۾ کڻي آئي، اهو ئي سبب آهي جو هي چونڊ سڌارن کان ڀڄڻ چاهين ٿا، اسان ڪارڪردگي جي بنياد تي عوام وٽ وڃڻ چاهيون ٿا، پهريون ڀيرو ائين ٿي رهيو آهي ته ڊالر ملڪ مان وڃڻ بدران ملڪ ۾ اچي رهيا آهن. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي معيشت کي صحيح رخ تي وجهي ڇڏيو آهي، موجوده حڪومت جي قدمن جي ڪري رڪارڊ ٽيڪس جمع ٿيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو