219

حڪومت زرعي شعبي جي ترقي جي لاءِ مستقبل جي حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي: جمشيد اقبال چيما

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي غذائي تحفظ واري خاص معاون جمشيد اقبال چيما چيو آهي ته حڪومت زرعي شعبي جي ترقي جي لاءِ آبادگار برادري، صارفين ۽ زرعي ۽ صنعتي شعبي سميت سمورن حصيدارن جي مفاد کي نظر ۾ رکي مستقبل جي حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي، ان ڏس ۾ ايگريڪلچرل ٽرانسفارميشن پلان جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻي پائيدار زرعي ترقي حاصل ڪرڻ ۽ درآمدي غذائي شين تي دارومدار گهٽ ڪندي زرعي پيداوار ۾ اضافي، آبادگارن، صارفين ۽ مقامي صنعت جي تحفظ وارو اهم منصوبو آهي، ان منصوبي تحت زرعي پيداوار جي معيار ۾ اضافي، فوڊ پروسيسنگ ۾ جدت، معاشي ترقي ذريعي آبادگار برادري ۽ لاڳاپيل ڌرين جي لاءِ سماجي ۽ مالياتي انصاف کي يقيني بڻايو ويندو، جديد ٽيڪنالاجي ۽ ٻجن جي نئين قسمن ذريعي في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافي، تحقيقي سرگرمين جي فروغ، ايگرڪلچر مالز قائم ڪرڻ، لائيو اسٽاڪ جي شعبي کي جديد رخن تي آڻڻ ۽ غذائي درآمدات تي دارومدار ختم ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، زرعي شعبي جي بجيٽ کي ماضي جي 1.6 ارب رپين جي بجيٽ مان وڌائي 62 ارب رپيا ڪيو ويو آهي، زرعي شعبي جي ترقي لاءِ ملڪ جي ٻين علائقن سان گڏوگڏ خاص طور تي بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۾ ضم ٿيندڙ قبائلي علائقن، ڊيره اسماعيل، پوٺوهار جو خطو، هزاره جو علائقو، گلگت بلتستان ۾ نئين عزم سان ڪم ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي ٺاهي وئي آهي، ايندڙ ڪجهه سالن ۾ غذائي درآمدات تي دارومدار کي ختم جڏهن ته کير، ماکيءَ، ميون، ڀاڄين، دالين، زيتون، ٽرائوٽ مڇي، سويابين ۽ سپر فوڊ جي پيداوار ۾ اضافو ڪيو ويندو. لائيو اسٽاڪ جي شعبي کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، زرعي شعبي ۾ تحقيقي سرگرمين جي فروغ لاءِ 10 ارب رپيا رکيا ويا آهن، آبادگارن جي سهولت لاءِ سڄي ملڪ ۾ ايگريڪلچر مالز قائم ڪنداسين جن جي لاءِ حڪومت مالي مدد فراهم ڪندي، ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته 22 ڪروڙ ايڪڙ ۾ وڌ کان وڌ علائقي کي سرسبز شاداب بڻايو وڃي، في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي کي فروغ ڏئي رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن خصوصي انٽرويو دوران ڪيو. هن چيو ته موجوده حڪومت اقتدار سنڀاليندي ئي زرعي شعبي جي ترقي ۽ بهتري تي خاص ڌيان ڏنو. هن چيو ته اسان ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهٽ ڪيلريز جو استعمال ڪريون ٿا، فروٽ ۽ گوشت جو استعمال به گهٽ آهي، وزيراعظم جو ويزن آهي ته اسان پنهنجي وسيلن کي اهڙي طرح استعمال ڪريون جو متوازن خوراڪ حاصل ٿي سگهي. هن چيو ته حڪومت زراعت جي سمورن شعبن تي ڌيان ڏنو آهي، پٽاٽي جي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ بيمارين کان پاڪ ٻج کي فروغ ڏئي پيداوار ۾ اضافو ڪيو ويندو، پٽاٽي جي سالياني پيداوار 5.7 ملين ٽن آهي جڏهن ته طلب ۾ ساليانو 10 سيڪڙو اضافو ٿي رهيو آهي، وڌندڙ طلب کي پورو ڪرڻ جي لاءِ پٽاٽو ٽشو ڪلچر کي فروغ ڏنو پيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو