135

ڪراچي: سائيٽ بي ٿاڻي جي حد ۾ تيز رفتار بس ڪلٽي ٿيڻ سبب عورتن ۽ ٻارن سميت 12 مسافر زخمي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سائيٽ بي ٿاڻي جي حد ۾ واقع پراچا چوڪ وٽ تيز رفتار بس ٽائر راڊ ٽٽڻ جي ڪري ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ 12 مسافر زخمي ٿي پيا. جن کي سول اسپتال ڪراچي ۾ داخل ڪيو ويو آهي. زخمين ۾ 50 ورهين جي شميم، 40 ورهين جي شهناز، 50 ورهين جي امرين خان، 8 ورهين جو بلال، 40 ورهين جي رضيه، 60 ورهين جو ظاهر الله خان، 45 ورهين جو مظفر حسين، 40 ورهين جو عبدالجبار، 45 ورهين جو ارشد، 40 ورهين جو بختيار، 55 ورهين جو فضل حسين ۽ 52 ورهين جو عيد محمد شامل آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو