150

ڪراچي: قائد آباد پوليس جي ڪارروائي، 2 منشيات فروش گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قائد آباد ٿاڻي جي پوليس مسلم آباد ۾ ڪارروائي ڪري ٻن منشيات فروشن ولايت عرف خانو ۽ مدثر کي منشيات وڪرو ڪندي گرفتار ڪري ورتو آهي. جن جي قبضي مان ٻه ڪلو کان وڌيڪ چرس هٿ آيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيل جوابدار عادي ڏوهاري آهن ۽ پهريان به گرفتار ٿي جيل وڃي چڪا آهن جوابدارن جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو