199

حڪومت طرفان پرڏيهه ۾ رهندڙ 6132 پاڪستانين کي وطن واپس آڻڻ لاءِ آپريشن شروع ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير غلام سرور خان چيو آهي ته پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائن (پي آئي اي) جي 18 اڏامن ذرعي پرڏيهه ۾ رهندڙ 6132 پاڪستانين کي وطن واپس آڻڻ لاءِ (اڄ) سومر کان فلائيٽ آپريشن شروع ٿيندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني وزيراعظم عمران خان جي دل جي ويجهو آهن ۽ هن ايوي ايشن ڊويزن کي هدايت ڪئي آهي ته هو انهن جي ڏکن کي ختم ڪندي انهن جي وطن واپسي لاءِ فوري انتظام ڪري. هن ٻڌايو ته سول ايوي ايشن اٿارٽي اضافي اڏامن جي بڪنگ لاءِ اتحاد ايئر ويز، ترڪ ايئر ويز، امارات ايئر ويز ۽ قطر ايئر ويز سميت ٻين ائير لائنز کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي ۽ وضاحت طلب ڪئي آهي. ان کان سواءِ انهن تي ڏنڊ به لڳايو ويندو. وفاقي وزير ٻڌايو ته پي آئي اي فلائيٽ آپريشن لاءِ خاص طور تي بوئنگ 777 جهاز ان آپريشن لاءِ مختص ڪيا آهن. نار رياستن ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي 4 ڏينهن اندر بهترين انداز ۾ عزت سان واپس آندو ويندو. هن چيو ته دبئي، دوحه، شارجه ۽ بحرين مان 6132 پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي وطن واپس آڻڻ لاءِ سي اي اي ۽ پي آئي اي 18 خاص اڏامن جو آپريشن شروع ڪري رهيون آهن. هن ٻڌايو ته گڏيل عرب امارتن لاءِ فلائيٽ آپريشن سومر تي شروع ٿيندو ۽ 10 اڏامن ذريعي ڦاٿل 3394 مسافرن کي وطن واپس آندو ويندو. اهڙي طرح 6 کان 8 جولاءِ جي مدي دوران دوحه مان 2016 مسافرن کي وطن واپس آڻڻ لاءِ 6 اڏامن جو منصوبو جوڙيو ويو آهي. اهڙي طرح اٽڪل 722 مسافرن کي 9 کان 11 جولاءِ دوران دوحه مان ٻن اڏامن سان بحرين مان پاڪستانين کي وطن واپس آندو ويندو. ان کان سواءِ عيد الاضحيٰ کان اڳ گڏيل عرب امارتن ۾ رهندڙ پاڪستانين کي پنهنجي ملڪ پنهنجي ملڪ واپس آڻڻ لاءِ 2 هزار خاص سيٽون مختص ڪيون ويون آهن. هن چيو ته فلائيٽس لاءِ بڪنگ شروع ڪئي وئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو