هري پور (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير عمر ايوب خان چيو آهي ته تڪ مان پسماندگي جي خاتمي ۽ بنيادي سهولين جي فراهمي منهنجي پهرين ترجيح آهي، تڪ ۾ سوئي گئس جي فراهمي، روڊن جي تعمير ۽ بجلي جي نظام کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ لاءِ اربين روپين جي منصوبن تي ڪم جاري آهي. ان خيالن جو اظهار هن نيو محله قاضيان کلابٽ ۾ سوئي گئس جي فراهمي جي منصوبي جي افتتاح جي موقعي تي تقريب کي خطاب جي دوران ڪيو. وفاقي وزير عمر ايوب خان چيو آهي ته وفاقي حڪومت پسمانده علائقن جي تعمير و ترقي تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي.
198