179

صدر ڊاڪٽر عارف علوي فيسڪو جي ملازم خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فيصل آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني جي ملازم پاران ذهني معذور پٽ جي لاءِ ماهوار فلاحي گرانٽ گهرڻ ۾ دير تي ان کي انتهائي عيرذميواراڻو رويو قرار ڏيندي فيسڪو جي ملازم جي خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي فيسڪو جي ملازم پاران ملندڙ شڪايت تي پنهنجي حڪم ۾ لکيو آهي ته ان مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ بدران ان ۾ دير وارا بهانا ڪيا پيا وڃن، سرڪاري ادارن کي معاشري جي پيڙهيل طبقن جي لاءِ همدردي جو اظهار ڪرڻ گهرجي. فيسڪو جي رٽائرڊ ملازم رياض حسين پنهنجي ذهني معذور پٽ جي لاءِ ماهوار فلاحي گرانٽ جي لاءِ ڪيترائي ڀيرا اداري کي درخواست ڏني هئي، ان درخواست تي عمل ڪري سگهجيو پئي جڏهن ته ان کي ڪنهن به قسم جي امداد نه ڏني وئي، ان صورتحال کان مايوس ٿي 24 ڊسمبر 2020ع تي شڪايت ڪندڙ وفاقي محتسب سان رجوع ڪيو، جنهن تي شڪايت ڪندڙ جي شڪايت جي ازالي لاءِ فيسڪو کان گهربل دستاويز طلب ڪيا ويا ۽ ان کي هدايت ڪئي وئي ته هڪ مهيني جي اندر شڪايت ڪندڙ جو مسئلو حل ڪري جڏهن ته پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ بدران فيسڪو وفاقي محتسب جي حڪم کي صدر وٽ چئلينج ڪري ڇڏيو جنهن تي صدر پنهنجي فيصلي ۾ لکيو آهي ته فيسڪو جي بدانتظامي جي ڪري شڪايت ڪندڙ جي شڪايت جو ازالو نه ڪيو ويو. ان بابت فيسڪو جي نظرثاني ٿيل درخواست تي وفاقي محتسب پاران رڪارڊ جي ڇنڊڇاڻ ۽ ڌرين جي ڳالهه ٻولهه جي بنياد تي رد ڪئي وئي آهي، پنجاب حڪومت جي ڊاڪٽرز ۽ ميڊيڪل بورڊ پاران ان ڳالهه جي تصديق ڪئي وئي آهي ته شڪايت ڪندڙ جو پٽ پنهنجي پيدائش کان ئي ذهني معذوري جو شڪار آهي. فيسڪو بعد ۾ صدر وٽ درخواست داخل ڪئي جيڪا هن ان بنياد تي رد ڪري ڇڏي اها نااهل ۽ وقت جو زيان آهي. صدر پنهنجي لکت واري حڪم ۾ ان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته شڪايت ڪندڙ جي ذهني معذور پٽ جو بار آساني سان کڻي سگهجيو پئي ۽ ان مسئلي کي حل ڪري سگهجيو پئي. صدر چيو ته معاشري جي ڪمزور طبقن جي مشڪلاتن جي حوالي سان قوم جي اها مجموعي ذميواري آهي ته اها ان جو احساس ڪري. هن چيو ته جيڪڏهن اسان پنهنجي جسم جي ڪنهن ڪمزور حصي جي سارسنڀال نه ڪنداسين ته پوءِ اسان هڪ ڪمزور قوم طور تي سڃاتا وينداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو