191

بابا گرو نانڪ انٽرنيشنل يونيورسٽي 8 ارب روپين جي لاڳت سان مڪمل ڪئي ويندي: اعجاز احمد شاهه

ننڪانه صاحب  (ويب ڊيسڪ) منشيات جي روڪٿام واري وفاقي وزير برگيڊئر (ر) پير اعجاز احمد شاهه چيو آهي ته بابا گرو نانڪ انٽرنيشنل يونيورسٽي 8 ارب روپين جي لاڳت سان مڪمل ڪئي ويندي، يونيورسٽي جو فيز (1) ٻه ارب 15 ڪروڙ سان مڪمل ٿيندو، يونيورسٽي بنجڻ سان علائقي ۾ ترقي ۽ خوشحالي ايندي، عورتن جو تعليم يافته هجڻ تمام ضروري آهي، ضلعي انتظاميا يونيورسٽي لاءِ 107 ايڪڙ زمين بنا مزاحمت جي حاصل ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بابا گرو نانڪ انٽرنيشنل يونيورسٽي جي اڪيڊمڪ بلاڪ جي افتتاح جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ننڪانه صاحب راجه منصور احمد، ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر ڪيپٽن (ر) بلال افتخار ڪياني سميت علائقي جي اعليٰ عملدارن سان گڏو گڏ عوام جو وڏو انگ موجود هو. وفاقي وزير، بابا گرو نانڪ يونيورسٽي جي اڪيڊمڪ بلاڪ جي پيڙهه جو پٿر رکندي چيو ته يونيورسٽي جو تحفو الله تعاليٰ طرفان ننڪانه صاحب جي عوام لاءِ آهي، بابا گرو نانڪ يونيورسٽي جي مڪمل فنڊنگ پاڪستان حڪومت ڪري رهي آهي، يونيورسٽي جي تعمير کانپوءِ اسان جي نسلون مٽجي وينديون. هن چيو ته ننڪانه صاحب جي عوام لاءِ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرائي رهيا آهيون. بابا گرو نانڪ يونيورسٽي جي بائونڊري وال جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي بقايا تعميراتي ڪم تيزي سان جاري آهي جيڪو تمام جلد مڪمل ڪيو ويندو. ان موقعي تي وفاقي وزير پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته عوام جي دعائن سان الله تعاليٰ صحتياب ڪيو، يونيورسٽي جي تعمير جي نالي تي فنڊ گڏ ڪندڙ ماڻهن کي هرگز معاف نه ڪيو ويندو. هن چيو ته پنهنجي موجوده وسيلن جو بهترين استعمال ڪري پنهنجي معاشري ۾ منشيات جي ڦهلاءَ کي روڪڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي آهي، ان حقيقت کي نظر ۾ رکندي اهو هڪ گهڻ رخو چئلينج آهي ۽ هڪ طرفي ڪوشش ان لعنت کي مڪمل طور تي ختم نه ٿي ڪري سگهي، مان اميد ڪيان ٿو ته سڀني لاڳاپيل ادارن ۽ پاڪستان جي هر شهري کي ان وقت تائين منشيات جي خاتمي جي عمل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو جيستائين اسان پنهنجي مقرر هدف کي حاصل نه ٿا ڪري وٺون، اسان پر عزم آهيون ته هر طرح سان پنهنجي ملڪ، پنهنجي ماڻهن ۽ نوجوانن کي ان خطري کان بچائينداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو