191

لاهور هائي ڪورٽ جو چيف جسٽس 5 جولاءِ تي پنهنجي عهدي تان رٽائر ٿي ويندو

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هائي ڪورٽ جو چيف جسٽس قاسم خان 5 جولاءِ سومر ڏينهن پنهنجي عهدي تان رٽائر ٿي ويندو، ان جي اعزاز ۾ فل ڪورٽ ريفرنس اڄ ٿيندو، جنهن ۾ اعليٰ عدالت جا سڀ جج ۽ وڪيل شرڪت ڪندا، ريفرنس ۾ چيف جسٽس قاسم خان جي خدمتن کي ساراهيو ويندو. لاهور هائي ڪورٽ جو چيف جسٽس قاسم خان فيبروري 2010ع ۾ هائي ڪورٽ جو جج بڻيو ۽ 19 مارچ 2020ع تي چيف جسٽس لاهور هائي ڪورٽ جي عهدي جو حلف کنيو. ان جي جاءِ تي نامزد چيف جسٽس لاهور هائي ڪورٽ جسٽس محمد امير ڀٽي اڱاري ڏينهن حلف کڻندو، پنجاب جو گورنر ان کان حلف وٺندو. نامزد چيف جسٽس امير ڀٽي جي حلف کڻڻ کانپوءِ جسٽس ملڪ شهزاد احمد خان سينئر ترين جج بڻجي ويندو جنهن سان گڏ ئي ججز جي سينيارٽي لسٽ تبديل ٿي ويندي. سينيارٽي لسٽ ۾ جسٽس شجاعت علي خان ٻئين، جسٽس شاهد وحيد ٽئين، مس جسٽس عائشه اي ملڪ چوٿين، جسٽس باقر نجفي پنجين، جسٽس شاهد بلال ڇهين، مس جسٽس عاليه نيلم ستين نمبر تي هوندي. واضح رهي ته هڪ وقت لاهور هائي ڪورٽ ۾ 50 ججز ڪم ڪري رهيا آهن، چيف جسٽس قاسم خان جي رٽائرمنٽ کانپوءِ اهو انگ 49 ٿي ويندو جڏهن ته لاهور هائي ڪورٽ ۾ ججز جو منظور ٿيل انگ 60 آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو