اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) 27 مارچ 2019ع تي احساس پروگرام جي شروعات کانپوءِ هنن گذريل 2 مالي سالن، پهرين جولاءِ 2019ع کان 30 جون 2021ع جي بجيٽ ۾ مختص ڪيل رقم کي پوري طرح سان استعمال ڪئي آهي. احساس تحت مختلف سماجي تحفظ ۽ تخفيف غربت جي مختلف قدمن لاءِ مالي سال 22-2020 ۾ مختص ڪيا ويا 206.76 ارب رپيا استعمال ٿيا. اهڙي طرح مالي سال 20_2019ع لاءِ مختص ڪيل 254.95 ارب روپيا ڄاڻايل سال ۾ مڪمل طور تي تقسيم ۽ استعمال ڪيو ويو هو. ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته مالي سال 22_2021ع ۾ احساس پروگرام لاءِ مختص ڪيل رقم کي وڌائي 260 ارب روپيا ڪيو ويو آهي.
187