اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان سومر ڏينهن گوادر جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪندو جتي هو مختلف ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ۽ ٻين ميگا منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکندو، دوري جي دوران وزيراعظم عمران خان سان گڏ وفاقي ڪابينا جا ميمبر پڻ هوندا، اميد آهي ته دوري دوران ڪيترين ئي مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون پڻ ٿينديون جن ۾ بلوچستان جي لاءِ سولر جنريٽرز گرانٽ ۽ 12 لک گيلن روزانو پاڻي صاف ڪرڻ جو پلانٽ شامل آهي. اي پي پي کي مليل معلومات موجب وزيراعظم کي علائقي ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي بريفنگ ڏني ويندي ان موقعي تي هو لاڳاپيل عملدارن ۽ پاڪستان اقتصادي لنگهه تي ڪم ڪندڙ پورهيتن سان خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪندو. دوري دوران وزيراعظم نارٿ گوادر فري زون، ايف زيڊ گوادر ۾ انٽرپرائزز، گوادر ايڪسپو بلڊنگ ۽ ٻين فيڪٽرين جي پيڙهه جو پٿر پڻ رکندو. وزيراعظم ان موقعي تي تقريب کي خطاب ۽ مقامي ماڻهن سان خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪندو. وڊيو لنڪ ذريعي اميد آهي ته چيني سيڙپڪارن ۽ ڪويت، اومان، مصر، ڪينيا ۽ قطر جي سفيرن پاران گوادر ۾ سيڙپڪاري جا اعلان پڻ متوقع آهن.
190