110

پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ ڀارت ملوث آهي: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسان وٽ شاهديون موجود آهن ته ڀارت نه صرف دهشتگردي جي پشت پناهي ڪري رهيو آهي پر انهن کي مالي مدد ۽ تربيت به ڏئي ٿو، لاهور جوهر ٽائون ڌماڪي ۾ به ڀارت ملوث آهي، پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعو ٽيرر فنانسنگ آهي ۽ اسان شاهديون عالمي برادري سان شيئر ڪنداسين، اميد آهي ته ايف اي ٽي ايف ۽ عالمي برادري ان معاملي تي حرڪت ۾ ايندي ۽ پاڪستان جو ساٿ ڏيندي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان گذريل ڀارتي دهشتگردي جي واقعن تي ڊوزيئر بڻايا هئا، لاهور جوهر ٽائون ڌماڪي کانپوءِ اسان وٽ وڌيڪ شاهديون به اچي ويون آهن ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ ڀارت جو هٿ آهي ۽ اسان سڀئي شاهديون عالمي برادري سان شيئر ڪنداسين. شاهه محمود قريشي چيو ته ٽيرر فنانسنگ کي چيڪ ڪرڻ فيٽف جو بنيادي ڪم آهي، پاڪستان ۾ دهشتگردي واقعي ٽيرر فنانسنگ جو واضح ڪيس آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو