اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان ايران جي نئين چونڊيل صدر سيد ابراهيم رئيسي کي 18 جون تي ٿيندڙ تي صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم عمران خان نئين چونڊيل ايراني صدر کي ٽيليفون ڪئي، ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن موجوده ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي مستقبل ۾ انهن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم چيو ته صدارتي چونڊن ۾ سيد ابراهيم رئيسي جي ڪاميابي سندس قيادت تي ايراني عوام جي اعتماد جو اظهار آهي. ان موقعي تي پاڪستان ايران سرحد سان گڏ مارڪيٽس قائم ڪرڻ کي اهميت وارو قدم قرار ڏيندي ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته ان سان ٻنهي ملڪن جي عوام کي سماجي ۽ معاشي فائدا حاصل ٿيندا. علائقائي ڏس ۾ وزيراعظم عمران خان افغانستان ۾ خراب ٿيندڙ سيڪيورٽي جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته تازا واقعا پاڪستان ۽ ايران جي لاءِ سنجيده احتياطي تدبيرن جي گهرج ڪن ٿا، ان صورتحال سان ٻنهي ملڪن ۾ افغانستان مان پناهگيرن جي اچڻ جو امڪان آهي. وزيراعظم چيو ته افغانستان جي تڪرار جي ڳالهين سان سياسي حل جي ضرورت آهي، ٻنهي طرفن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته افغانستان جي عوام جي ملڪيت هيٺ ۽ قيادت هيٺ سياسي حل جي ضرورت آهي. وزيراعظم ڄمون ڪشمير تڪرار تي ايران پاران پاڪستان جي ڀرپور حمايت تي ايران جا ٿورا مڃيا، ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۽ فلسطين ۾ انساني حقن جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ٻنهي اڳواڻن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي روشني ۾ ان پراڻي مسئلي جي حل جي ضرورت تي زور ڏنو، ڳالهه ٻولهه دوران اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا تي پڻ اتفاق ڪيو ويو جڏهن ته ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي کي سرڪاري دورن جي دعوت پڻ ڏني.
183