117

پاڻي جي اهميت ۽ ان جي خراب ٿيڻ جا ڪارڻ…

ليکڪ: محمد خالد ميمڻ

پاڻي جي اهميت انساني توڙي ڪنهن به ساهواري لاءِ انتهائي اهم آھي پر پاڻي ئي زندگي آھي، پاڻي رب پاڪ جي ڏنل نعمتن مان اسان لاءِ هڪ خاص نعمت آھي، جيئن چوندا آھن ته جتي پاڻي اتي پاڻ ان جو مطلب ته جتي پاڻي هوندو اتي جاندار، انسان، جانور، پکي۽  پکڻ سڀ ساهوارا هوندا پر جڏهن اهو پاڻي جيڪو خود زندگي آھي اهو خراب ٿي وڃڻ ڪري زندگيون ئي ختم ڪري ڇڏي ته اتي ڇا ڪرڻ گهرجي؟جيئن ته صاف پاڻي انساني صحت لاءِ تمام ضروري ۽ وڏي اهميت رکي ٿو، ڇوته الله پاڪ انسان کي قدرتي طور ڄمڻ سان ئي ”قوت مدافعت“يعني بيمارين سان مقابلو ڪرڻ جي سگهھ عطا ڪندو آھي، انهيءَ سگهھ قوت مدافعت کي برقرار رکڻ جي لاءِ صاف ماحول، صاف هوا، بهتر کاڌو ۽ صاف پاڻي ضروري هوندو آھي، صاف پاڻي جسم کي ملندو ته قوت مدافعت وڌندي ۽ بيماريون نه ٿينديون، بدقسمتي سان سنڌ جي ڪيترن ئي شھرن وانگر ڦل شھر ۽ آسپاس جي ڪيترن ئي ڳوٺن جن ۾ ڳوٺ گل حسن لغاري، الهڏتو جتوئي، عيسيٰ خان مري، الهھ رکيو مري، جعفر خان وڳڻ، ڪلرو، احمد رند، واسڻي، محمود ميمڻ، مسڪين آرائين، علي آباد، نور محمد صدر راڄپر، آچر کوسو، مينگهلو، مومن کوسو، رند موري، ملهار لغاري، بچل ڦل، هوتي ڦل، ھاشم ڦل، ابڙاهو، امين خاصخيلي، مٺل وڳڻ سميت ٻين ڪيترن ئي علائقن جي جر جو پاڻي انتهائي کارو ٿي ويو آھي، جنهن ۾ سينکيو، لوڻ، بيڪٽريا ملي ان کي انساني صحت جي لاءِ انتهائي خطرناڪ بڻائي ڇڏيو آهي، جر جو پاڻي خراب ٿيڻ جا مکيه ڪارڻ ٻه آھن هڪ پاڻي ۾ سينکيو ملي وڃڻ ۽ ٻيو آھي پاڻي ۾ جراثيمي گدلاڻ ۽ بيڪٽريا ملي وڃڻ، پهرئين قسم ۾ پاڻي ۾ سينکيو جنهن کي زهر پڻ چئي سگهجي ٿو، ان جو مقدار پاڻي ۾ وڌي ويندو آھي ته اهو پاڻي انساني صحت جي لاءِ انتهائي هاڃيڪار بڻجي ويندو آھي ۽ اهو پاڻي پيئڻ جي لائق نه رهندو آهي، ايتري قدر جو ان جو ذائقو ۽ رنگ پڻ تبديل ٿي ويندو آھي ۽ انساني جسم جي عضون جهڙوڪ جگر،گڙدن ۽ معدي کي نقصان پهچائي، انهن کي بلڪل ناڪارا ڪري ڇڏيندو آھي، جنهن جي ڪري انسان ۾ مختلف بيماريون جنم وٺي کيس موت جي منهن ۾ پهچائي ڇڏينديون آھن، جر واري پاڻي ۾ سينکيو ۽ گدلاڻ جو مکيه ڪارڻ سنڌو درياهه جي پاڻي جو سمنڊ ۾ ڇوڙ نه ٿيڻ وڏو سبب آھي، ڇوته تحقيق مطابق سنڌو درياهه جو وهڪرو سمنڊ ۾ ٿيڻ گهرجي، ان سان سنڌ جي زمين جي جر جو پاڻي خراب نه ٿيندو ۽ سمنڊ زمينون نه پائيندو يعني نه ڳڙڪائيندو ڇوته هيئنر بدين ۽ ٺٽو جي ڏاکڻي پٽي بنجر بڻجي چڪي آھي ۽ سم ۽ ڪلر وڌي ويو آھي ۽ زمينون غيرآباد ۽ جر جو پاڻي پڻ زهريلو بڻجي ويو آھي ۽ جر جو پاڻ کارو ٿيڻ جو هڪ ٻيو سبب تيل ڪمپنين طرفان تيل جي ڳولها واسطي جيڪي زمين اندر بم ڦاڙيا وڃن ٿا، ان جي ڪري به جر جي پاڻي ۾ ڪيميڪل سينکيو ملي ويو آھي، زمين جي جر جي پاڻي کي سينکيي ۽ ٻين خطرناڪ ڪيميڪلن کان بچڻ لاءِ هڪ ته حل اهو آھي ته سمنڊ ۾ درياهه جو پاڻي ڇوڙ ڪيو وڃي ۽ جتي تمام خراب پاڻي آھي اتي صاف پاڻي جا فلٽر پلانٽ لڳائي عوام کي سهولتون مهيا ڪيون وڃن ۽ هڪ تحقيق مطابق جيڪو پاڻي دلي يا مٽ ۾ ڀري رکيو وڃي ٿو اهو سنکيي کان محفوظ ٿو رهي، ڇوته مٽيءَ مان ٺهيل دلي يا مٽ ۾ پاڻي مان سينکيو جذب ڪرڻ جي قدرتي صلاحيت آھي، ان ڪري مٽيءَ جي ٺھيل دلن ۽ مٽن ۾ پاڻي ڀري پيتو وڃي ۽ جنهن پاڻي ۾ جيوڙا آھن، اهو پاڻي اوٻاري پيئڻ جي لائق بڻائي پي سگهجي ٿو، ٻئي پاسي هتان جي هڪ سماجي رضا ڪار استاد غلام حسين لغاري پاڻي ۾ سينکيو ملي وڃڻ جي ڄاڻ ڏيڻ واسطي مختلف ڳوٺن ۾ وڃي پاڻي چيڪ ڪرڻ واري مشين ذريعي پاڻي چيڪ ڪرڻ کان پوءِ ٻڌايو ته ڪيترن ئي ڳوٺن جي جر جي پاڻي ۾ ٽي ڊي ايس 500 کان 1500 تائين پهتل هو، جيڪو انساني صحت لاءِ انتهائي هاڃيڪار آھي، جڏهن ته ڦل شهر اندر به سگا ڦل برانچ طرفان مختف پاڙن جي نلڪن ۽ موٽرن جو پاڻي چيڪ ڪرايو ويو ته انهن جي پاڻي ۾ به 500 کان 1200 تائين ٽي ڊي ايس شامل هو، جيڪو پڻ انتهائي نقصانڪار آھي، ڦل شھر ۽ ڀرپاسي جي جر جو پاڻي هاڻي نه پر ڪيترا سال اڳ ئي خراب ٿيو هو ان ڪري هتان جي مختلف سياسي سماجي اڳواڻن تڪ جي ايم پي اي، ايم اين اي، اڳوڻي ضلعي چيئرمين سميت ڪيترن ئي اعليٰ عملدارن کي صاف پاڻي جو آر او پلانٽ لڳرائي ڏيڻ جا مطالبا ڪيا ۽ ڪيترن ته آر او پلانٽ لڳرائي ڏيڻ جا واعده پڻ ڪيا پر افسوس جو سندن اهي واعده صرف وعده ئي رهيا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو