145

ڊاڪٽر ”ڀائي خان هالار سولنگي“ هڪ گهڻ رخي شخصيت….

ليکڪ: رياض عمراڻي

ڊاڪٽر ڀائي خان هالار سولنگي سان شناسائي ۽ محبت ڀريي سفر جو سلسلو 1991ع کان زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام کان شروع ٿيو،  ان وقت هو سنهڙو، پتڪڙو ۽ نفيس طبيعت جو مالڪ هو، سندس نالي مان ئي سمجهي سگهو ٿا ته ڀائي خان ڳوٺ مليراڻي سولنگي تعلقي سوڀوديرو، خيرپور ميرس جو هڪ ڳوٺاڻو شاگرد هو، سندس والدين بلڪل غريباڻي طبقي جا فرد هئا، جن محنت مزدوري ڪري کيس سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام تائين پهچايو، اڳتي تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ پارٽ ٽائيم طور کيس مختلف اخبارن ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪرڻو پئجي ويو، ان وقت ۾ منهنجي به پڙهائي کانسواءِ اخباري دنيا ۾ هڪ ليکڪ طور شناس هئي، ريڊيو تي پروگرام ڪيم، ان مون کي ۽ ڀائي خان هالار سولنگي کي بلڪل ويجهو ڪري ڇڏيو، ڊاڪٽر ڀائي خان هالار سولنگي 20 جون 1971ع ۾ ڳوٺ مليراڻي سولنگي ۾ جنم ورتو، هن پرائمري تعليم اباڻي ڳوٺ ۽ هاءِ اسڪول راڻيپور مان مئٽرڪ 1986ع ۾ ڪئي، ڊگري سائنس ڪاليج گمبٽ مان سال 1988ع ۾ انٽر پاس ڪيائين، سال 1989ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ بي ايس سي زراعت ۾ داخلا ورتي، ڊاڪٽر ڀائي خان هالار سولنگي سال 1995ع ۾ ايم ايس سي ائنٽامالاجي (Entomology) ۾ ڪئي، مون کي ياد آهي ته ڀائي خان هالار کي مون وقت جي وي سي ڊاڪٽر اي ڪيو مغل يا ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ سان ملاقات ڪرائي ۽ سندس غربت ۽ محنت کان وي سي صاحب کي آگاهي ڏني، ان تي وي سي مهرباني ڪري ڀائي خان هالار کي ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيو، لاڳيتو ٽي سال ڪم ڪندو رهيو، جنهن بعد هو پڪو ليڪچرار ٿي ويو، هن وقت هو پي ايڇ ڊي آهي، پر اهو وقت کيس اڃا به ياد آهي، ڪجهه سال اڳ هڪ قائمخاني شاگرد سان سندس آفيس ويس، هو شاگردن جو زباني امتحان وٺي رهيو هو، امتحان کي روڪي شاگردن کي چيائين منهنجو محسن دوست مون وٽ اڄ آيو آهي، واءِ واءَ سڀاڻي ڏجو، تمام گهڻي خدمت چاڪري کانپوءِ شاگردن کي چيائين اڄ آئون جنهن ڪرسي تي ويٺو آهيان سو ڀاءُ رياض عمراڻي جي همت افزائي تنهن ۾ شامل آهي، ڪافي دير ڪچهري بعد هو مون کي هيٺ تائين ڇڏڻ آيو، سندس شاگرد حيران ٿي ويو، رياض ڪهڙي شخصيت آهي جو منهنجو پروفيسر کيس هيٺ ڇڏڻ آيو آهي، ان ۾ منهنجي عزت ته ٿي پر ڀائي خان جي ان ۾ عظمت ئي هئي، ٻه سال اڳ منهنجو پٽ فراز حيدر عمراڻي بيمار ٿي پيو هو، جنهن جي علاج ۾ هن منهنجي مدد ڪئي، مون کي سندس احسان اڄ به ياد آهي، ڀائي خان جهڙا دوست زرعي يونيورسٽي ۾ ٻيا به آهن، آئون هن وقت ڄنگهه ڀڄڻ ڪري گهر ۾ آرامي آهيان، پر تن دوستن ڪڏهن ياد به ڪو نه ڪيو هوندو، پر ڀائي خان فون تي طبيعت بابت پڇندو رهندو آهي، اهي گُڻ مون آڏو قابل احترام آهن. هو هن وقت ايم ايس سي ۽ پي ايڇ ڊي جي شاگردن جا ڪلاس وٺي ٿو، سندس پورهئي جي مڃتا ۾ هڪ دفعو ملائيشيا پڻ ٽريننگ لاءِ ويو آهي، هن 37 کان مٿي ايم ايس سي جا شاگرد پيدا ڪيا، تن جو سپروائيزر پڻ رهي چڪو آهي، هن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ذولاجي ڊپارٽمينٽ مان پي ايڇ ڊي پڻ ڪئي آهي، جنهن جو موضوع جيتن جي بائيولاجيڪل روڪٿام، جيتن جي شناس، دوست ۽ دشمن جيتن بابت ڄاڻ، ڊاڪٽر آف فلاسافي ۾ ڊگري حاصل ڪئي آهي،  هن وقت 71 کان مٿي نيشنل ۽ انٽرنيشنل پيپرس لکي چڪو آهي. هو هڪ اديب، شاعر ۽ سماج سڌارڪ شخصيت جو مالڪ آهي، سگا حيدرآباد ۾ اطلاعات سيڪريٽري، سگا هائوسنگ سوسائٽي ۾ ڊائريڪٽر، سنڌ ڊولپمينٽ سوسائٽي حيدرآباد جو جنرل سيڪريٽري آهي، سماجيات جي شعبي ۾ اڳ کان اڳڀرو نظر اچي ٿو، آئون هن وقت ٿڪجي چڪو آهيان، پر ڀائي خان هالار اڃا ٿڪو نه آهي، اهڙي طرح سنڌ سائنس سوسائٽي ڄامشورو ايسوسيئيشن سيڪريٽري ۽ آل پاڪستان سولنگي ويلفيئر ايسوسيئيشن ۾ جنرل سيڪريٽري جا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي، منهنجي دعا آهي ته رب العزت کيس دراز زندگي ڏئي ۽ کيس پنهنجي ٻچڙن سان آباد رکي. (آمين)

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو