201

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران ڪرنل شير خان شهيد کي خراج عقيدت پيش

اسلام آباد  (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ڪرنل شير خان شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ڪرنل شير خان شهيد ملڪ جي دفاع خاطر لازوال جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪندي شهادت ماڻي. ڪرنل شير خان شهيد جي 22 هين يوم شهادت تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته شهيد اسان جا حقيقي هيروز آهن، هنن پنهنجو اڄ قوم جي مستقبل لاءِ قربان ڪيو. هن چيو ته ڪرنل شير خان ڪارگل جي محاذ تي جرئت ۽ بهادري جي لازوال داستان رقم ڪئي، ڪرنل شير خان شهيد جي جرئت ۽ بهادري تي پوري قوم کي فخر آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو