199

وزيراعظم جو گوادر اچڻ هڪ تاريخي موقعو آهي: عاصم سليم باجوه

گوادر (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم سُومر تي گوادر جي دوري دوران 2200 ايڪڙ تي مشتمل گوادر پورٽ فري زون فيز ٽو جو سنگ بنياد رکيو ۽ ڏکڻ بلوچستان جي لاءِ 600 ارب جي ترقياتي پيڪيج تي عملدرآمد جي حوالي سان اڳڀرائي جو به جائزو ورتو. اها ڳالهه سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه وزيراعظم جي دوري جي حوالي سان ڳالهائيندي ٻڌائي. هن ٻڌايو ته وزيراعظم گوادر آيو آهي جيڪو هڪ تاريخي موقعو آهي. وزيراعظم جي دوري دوران گوادر پورٽ فيز ون جي تڪميل کان پوءِ گوادر فري زون فيز ٽو جو سنگ بنياد رکيو ويندو. اهو هڪ وڏو قدم آهي، فيز ون جو فيز ون صرف 60 سيڪڙو تي مشتمل هو جڏهن ته فيز ٽو 2200 ايڪڙ تي مشتمل هوندو. هن ٻڌايو ته وزيراعظم دوري دوران پنج فيڪٽرين جي تعمير جو سنگ بنياد به رکندا. گوادر شهر ۽ ڏکڻ بلوچستان جي لاءِ وزيراعظم 600 ارب روپين جو پيڪيج ڏنو آهي. هن ٻڌايو اڄ تقريب ۾ شنگهائي کان 7، 8 وڏا سيڙپڪار آن لائين شرڪت ڪندا ۽ نه رڳو گوادر پر پوري پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي منصوبن جو اعلان ڪندا. 7 علائقائي ملڪن جا سفير ۽ وزيراعظم جي موجودگي ۾ پنهنجي پنهنجي ملڪن پاران سيڙپڪاري ۾ شرڪت جي حوالي سان خيالن جو اظهار ڪندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو