بنڪاڪ (ويب ڊيسڪ) ٿائيلينڊ ۾ ڪيميڪل فيڪٽري ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. رپورٽ مطابق ٻڌايو ويو آهي ته اهو ڌماڪو سومر جي صبح جو مقامي وقت مطابق 3 وڳي گادي واري شهر بنڪاڪ جي پسگردائي واري علائقي ۾ سوورن ڀومي هوائي اڏي ويجهو موجود هڪ ڪيميڪل فيڪٽري ۾ ٿيو آهي. ڌماڪي سان فيڪٽري ۾ باهه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 20 فيڪٽري ورڪرز ۽ رهائشي زخمي ٿي پيا آهن. مقامي ميڊيا مطابق زوردار ڌماڪو سموت تي ڪن ضلعي بنگ فلي ۾ پلاسٽڪ جي جهاگ ٺاهڻ واري فيڪٽري ۾ ٿيو جنهن سبب پلانٽ ۾ زبردست باهه لڳي. اختيارين جو چوڻ آهي ته اسانکي شڪ آهي ته اهو حادثو پلانٽ ۾ موجود 20 ٽن ڪيميائي مادي سبب پيش آيو آهي. ڌماڪي سبب 10 فيڪٽريون ۽ آس پاس جي رهائشي علائقي کي شديد نقصان پهتو آهي. مقامي حڪومت پلانٽ جي 5 ڪلوميٽر جي دائري ۾ سمورن رهائشين ۽ واپاري ادارن لاءِ لازمي طور تي علائقو خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. باهه تي وڏي حد تائين ضابطو آندو ويو آهي پر اختيارين اڃان تائين ڌماڪي سبب ٿيل نقصان بابت ڪجهه ناهي ٻڌايو. ريسڪيو ٽيمن زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي.
116