114

ڀارت ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 43071 ڪيس، 955 فوتگيون رپورٽ

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 43 هزار 71 نوان ڪيس سامهون آيا آهن ۽ وڌيڪ 955 فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ متاثر ڪيسز جو مجموعي انگ 3 ڪروڙ 5 لک 45 هزار 433 جڏهن ته فوتگين جو انگ 402005 ٿي ويو آهي. رپورٽٽ مطابق ٻڌايو ويو آهي ته ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ايڪٽو ڪيسز ۾ گهٽتائي کانپوءِ انهن جو انگ 4 لک 85 هزار 350 رهجي ويو آهي جڏهن ته ان دوران وڌيڪ 52 هزار مريض صحتياب ٿيا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو