106

ڪورونا وبا ملڪ ۾ وڌيڪ 19 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري سنڌ کانپوءِ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 19 فوتگيون ٿيون جنهن مان 11 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾هڪ هزار 347 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 18 سيڪڙو، بهاولپور ۾ 16 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 16 سيڪڙو ۽ لاهور ۾ 16 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان  ڪراچي ۾ 27 سيڪڙو، مظفر آباد ۾ 22 سيڪڙو، صوAبي ۾ 21 ۽ گلگت ۾ 91 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 42 هزار 245 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 16 هزار 516،  پنجاب ۾ 15 هزار 247، خيبرپختونخواهه ۾ 10 هزار 225، اسلام آباد ۾ 1 هزار 771، بلوچستان ۾ 672، گلگت بلتستان ۾ 293، آزاد ڪشمير ۾ 521 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 9 لک 7 هزار 934 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 198 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 33 هزار 299 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 9 لک 63 هزار 660 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 20 هزار 558، بلوچستان ۾ 27 هزار 419، گلگت بلتستان ۾ 6 هزار 427، اسلام آباد ۾ 82 هزار 969، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 38 هزار 533، پنجاب ۾ 3 لک 46 هزار 852 ۽ سنڌ ۾ 3 لک 40 هزار 902 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 22 هزار 427 آهي جن مان سنڌ ۾ 5 هزار 520 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 8 مريض اسپتالن ۾ جڏهن ته 4 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. پنجاب ۾ 10 هزار 776 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3 مريض اسپتالن ۾ ۽ هڪ مريض گهر ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيو. خيبرپختونخواهه ۾ 4 هزار 340 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 4 مريض اسپتالن ۾  ان وائرس سبب فوت ٿيا،. اسلام آباد ۾ ڪل 780 فوتگيون ٿيون. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪند وران هڪ مريض اسپتال ان وائرس سبب فوت ٿيو. بلوچستان ۾ 312 فوتگيون ٿيون. گلگت بلتستان ۾ 111 فوتگيون. آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 588 فوتگيون ٿيون. جڏهن ته گذريل 24  ڪلاڪن دوران 2 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جا هڪ ڪروڙ 47 لک 78 هزار 27 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 639 اسپتالن ۾ 2 هزار 58 مريض علاج هيٺ آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو