105

ڏُکيو وقت آيو ته پاڪستان جي فوج، حڪومت، اپوزيشن سميت سڄي قوم هڪ پيج تي هوندي: شيخ رشيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته جيڪڏهن ڪو ڏُکيو وقت آيو ته پاڪستان جي فوج، حڪومت، اپوزيشن سميت سڄي قوم هڪ پيج تي هوندي، اسان حالتن کي مُنهن ڏيڻ جي پوري تياريءَ ۾ آهيون، صورتحال تي پوري ريت نظر رکيل آهي، وزيراعظم عمران خان جي خواهش آهي ته افغانستان يا دوحه ۾ سمورن افغان اڳواڻن ۽ قيادت کي گڏجي ويهي ڪري صورتحال جو جيڪو به حل ڪڍڻو آهي اسان کي اهو قابلِ قبول هوندو. ڀارتي ڳجهي ايجنسي را ۽ ان جا ذيلي ادارا پاڪستان ۾ تخريبڪاريءَ کان پاسو ناهن ڪري رهيا، ڪراچيءَ ۾ به هڪ گروهه پڪڙيو ويو آهي جنهن جو اعلان مناسب وقت تي ڪيو ويندو. افغانستان سان سلهاڙيل 7 سرحدي هنڌن تي آمدرفت جي وقت کي گهرجن مطابق تيار ڪنداسين. گهرو وزارت ۾ هڪ اجلاس بعد پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي گهرو وزير چيو ته کيس اُميد آهي ته افغانستان ۾ ان ڀيري اهي حالتون نه هونديون جيڪي پهرين دؤر جو حصو هيون. هن چيو ته نادرا چيئرمين کي هدايت ڪئي آهي ته سڄي پاڪستان ۾ نادرا جي آفيسن اندر جيڪا گڙٻڙ آهي ان کي صاف ڪيو وڃي. ڪراچيءَ ۾ اڳ ئي 30 اهڙن فردن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي جيڪي غلط شناختي ڪارڊ جاري ڪري رهيا هئا. 19 ڄڻن کي معطل ڪيو ويو، ضرورت پئي ته ان معاملي تي جي آءِ ٽي به جوڙي ويندي. هن چيو ته وزيراعظم جلد ازبڪستان جو دؤرو ڪندو جتي ٻن اهم معاهدن تي صحيحون ڪيون وينديون. 5 کان 7 ڏينهن جو ويزا انٽري تي ڏنو ويندو، لاهور ۽ تاشقند وچ ۾ پي آءِ اي جون اُڏامون به شروع ٿي چڪيون آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ناتن جي نئين دؤر جو آغاز ٿي رهيو آهي. گهرو وزير چيو ته ايف آءِ اي ۾ 1145 نوڪرين لاءِ 12 لک کان وڌيڪ درخواستون ڏنيون ويون آهن، ان عمل کي مڪمل ڪرڻ لاءِ 13 ڪروڙ رپين جي ضرورت آهي. جيڪي اسان پنهنجي وسيلن مان فراهم ڪنداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو