172

سي پيڪ تي ڪم تيزي سان اڳيان وڌي رهيو آهي، ان جو ثمر عام ماڻهون تائين پهچندو: عاصم سليم باجوه

گوادر (ويب ڊيسڪ) سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه چيو آهي ته سي پيڪ رٿائن تي ڪم تيزي سان اڳيان وڌي رهيو آهي، ان جو ثمر عام ماڻهوءَ تائين پهچندو، گوادر پورٽ مختلف آپريشنل ٿي چڪو آهي، 60 ايڪڙ ايراضيءَ تي فري زون فيز ون مڪمل ٿي ويو آهي، جڏهن ته 2200 ايڪڙن تي فيز ٽو رٿا جو پيڙهه جو پٿر رکڻ سان اربين ڊالرن جي سيڙپڪاريءَ جو نئون سلسلو شروع ٿيندو. گوادر ۾ جديد اسپتال، هوائي اَڏو ۽ ووڪيشنل انسٽيٽيوٽ به تعمير ٿي رهيو آهي، ڏکڻ بلوچستان پيڪيج سان علائقي ۾ پاڻي، بجلي، روڊن رستن ۽ روزگار جا مسئلا حل ٿيندا. اهڙو اظهار هن سومر ڏينهن ترقياتي منصوبن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اڄ هڪ تاريخي ڏينهن آهي، گوادر پورٽ مڪمل آپريشنل ٿي چڪو آهي. 40 ڪمپنيون هتي پنهنجون سرگرميون شروع ڪري چڪيون آهن، 13 سالن بعد گوادر پورٽ فري زون پاليسي ٺاهي وئي، ايل پي جي ۽ ايل اين جي لائسنس جاري ٿيا، ايران سان سرحدي انتظام جي معاملي تي اڳڀرائي ٿي ۽ ايسٽ بي ايڪسپريس وي جي تعمير جو آغاز ڪيو آهي. هن چيو ته گوادر پورٽ سان گڏوگڏ گوادر شهر ۾ به ترقيءَ جو سفر جاري آهي. ماسٽر پلان جي منظوري ڏئي چڪا آهيون ۽ ان تي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي. سي پيڪ تحت گوادر ۾ 100 بيڊن تي ٻَڌل جديد اسپتال، عالمي سطح جو هوائي اَڏو ۽ ووڪيشنل انسٽيٽيوٽ ٺاهي رهيا آهيون. هن چيو ته صادق سنجراڻي، شاهه محمود قريشي، اسد قيصر ۽ ٻيا صوبائي ۽ وفاقي وزير سي پيڪ جي منصوبن کي اڳيان وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سي پيڪ پاڪستان جي دشمنن ۽ حاسدن جي پروپيگنڊا جي نشاني تي آهي، سي پيڪ خلاف پروپيگنڊا ناڪام بڻايو ۽ ان پروپيگنڊا جي اثرن کي ختم ڪرڻ ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پاڻ پنهنجي ادارن ذريعي حل ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي قربانين بنا منصوبن تي ڪم اڳيان وڌائڻ ڏُکيو هو، سندن قربانيون به قابلِ تحسين آهن. چين جي سفير نونگ رونگ به سي پيڪ منصوبن کي اڳيان وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي سربراهيءَ ۾ سي پيڪ کي توسيع ڏني پئي وڃي ۽ وزيراعظم جو شڪرگذار آهيان ته هو پاڻ سي پيڪ جي سرپرستي ڪري رهيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو