112

ٽنڊو آدم ۾ ريلوي پوليس اهلڪار سرڪاري رائيفل سان فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو

ٽنڊو آدم (ويب ڊيسڪ) ٽنڊو آدم ۾ ريلوي پوليس اهلڪار سرڪاري رائيفل سان فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو. خبر موجب 47 سالن جي قربان علي ولد محمد حسين لاشاري ذاتي سببن جي ڪري سرڪاري رائفل سان پاڻ مٿان فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو. ريلوي پوليس فوتي پوليس اهلڪار جو لاش تعلقا اسپتال پهچايو ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي۔ فوتي پوليس اهلڪار ڳوٺ مڏو لاشاري تعلقو سڪرنڊ جو رهواسي آهي. واقعي بعد اهڙو اطلاع سندس وارثن کي ڏنو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو