118

پاڪستان دشمن ڀارت جا ناپاڪ ارادا بي نقاب ڪندو رهندو: فرخ حبيب

لاهور (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پاڪستان دشمن ڀارت جا ناپاڪ ارادا بي نقاب ڪندو رهندو، پاڪستان لاهور ڌماڪي جا ثبوت دنيا آڏو رکي ڇڏيا آهن، شاهد خاقان عباسي جي ڳالهين تي ڪير يقين نه ٿو رکي، صحافين جي تحفظ جي لاءِ جرنلسٽس پروٽيڪشن قانون آندو آهي. لاهور ۾ سُندس فائونڊيشن جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائي رهيو هو  مملڪتي وزير فرخ حبيب سُندس فائونڊيشن اسپتال ۾ ٿيلسيميا جي علاج هيٺ ٻارن جي عيادت پڻ ڪئي. صحافين سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته استحقا قانون پرائيويٽ ميمبر کڻي آيو، اهو قانون واپس ٿي رهيو آهي، پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر سان به ڳالهه ٿي چڪي آهي. هن چيو ته حڪومت جرنلسٽس پروٽيڪشن بل آندو آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ جون ڳالهيون اهي ڪري رهيا آهن جن جي ڳالهين تي ڪير يقين نه ٿو ڪري، ماضي ۾ ڪلڀوشن ياديو پڪڙڻ تي پريس ڪانفرنس ٿي، اطلاعات وارو وزير خاموش ويٺو رهيو ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر ڳالهائيندو رهيو. هن چيو ته ثبوتن جي بنياد تي اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، قومي سالامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ آءِ جي پنجاب نيٽ ورڪ جون حقيقتون سامهون رکيون. هن چيو ته هي ملڪ اسان جو آهي، ان جي امن لاءِ اسان کي ڪوشش ڪرڻي آهي، ملڪ تي بري نظر رکندڙ ڀارت کي بي نقاب ڪندا رهنداسين. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ٿيلسيميا جي ٽيست جي حوالي سان قانونسازي سان گڏوگڏ احتياط ۽ آگاهي پڻ لازمي آهي. هن چيو ته ٿيلسيميا هڪ موذو مرض آهي، ان مرض ۾ مبتلا ٻارن جا والدين پڻ عذاب جو شڪار رهن ٿا، سُندس فائونڊيشن جي ٽيم سٺو ڪم ڪري ٿي، انهن کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته صحت جي شعبي ۾ اين جي اوز سٺو ڪم ڪري رهيون آهن، حڪومت جو هٿ ونڊائي رهيون آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو