124

لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ جي نگراني هيٺ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا سالياني امتحاني شروع ٿي ويا

لاڙڪاڻو  (ويب ڊيسڪ) لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ جي نگراني هيٺ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا سالياني امتحاني شروع ٿي ويا آهن. ڏينهن ڏهين ڪلاس جي فزڪس ۽ اسلامڪ هسٽري جو پرچو ورتو ويو جنهن ۾ لاڙڪاڻي، قمبر شهدادڪوٽ، شڪارپور، جيڪب آباد، ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۽ دادو ضلعي جي ٻن تعلقن خيرپور ناٿن شاهه ۽ ميهڙ سان واسطو رکندڙ 49867 اميدوارن شرڪت ڪري امتحان ڏنو. امتحاني پرچو هٿن ۾ اچڻ شرط اميدور موبائيل فونن ۽ گائيڊن جي ذريعي انويجيليٽرن جي موجودگيءَ ۾ ڪاپي ڪندي نظر آيا جڏهن ته اميدوارن جا مٽ مائٽ توڙي دوست امتحاني سينٽرن ٻاهريان بيٺل رهيا جيڪي ڪجهه پئسن عيوض چوڪيدارن، نائب قاصد ۽ ٻئي عملي جي ذريعي آسانيءَ سان امتحاني سينٽرن ۾ ڪاپي جو مواد موڪليندا رهيا. تعليمي بورڊ طرفان سمورن امتحاني سينٽرن ۾ ڪورونا ايس او پيز تي عمل درآمد ڪندي شاگردن ۾ مفت ماسڪ ورهائڻ سان گڏ سينٽرن اندر سماجي وٿي کي برقرار رکندي پرچو ورتو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو