اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان جي خلاف دهشتگردي ۾ ڀارت ملوث آهي، لاهور ۾ دهشتگردي جو واقعو ڀارتي پٺڀرائي سان ٿيو، افغان سرزمين پاڪستان جي خلاف استعمال ٿيڻ تي ڳڻتي آهي، پاڪستان ترڪيءَ سان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، دفاع ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن، فوجي تربيتي تعاون جي معاهدي سان ٻطرفو دفاعي تعاون وڌيڪ مستحڪم ٿيندو. هو ترڪيءَ جي هٿياربند فوج جي ڪمانڊر جنرل اميت دندار سان ڳالهائي رهيو هو جنهن هتي ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ لاڳاپن جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ مثالي تعاون موجود آهي جنهن کي واپار ۽ دفاع جي شعبن ۾ وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته عسڪري تربيتي تعاون سان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ملندو. هن ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي ملڪ جي اقتصادي خوشحالي ۽ مسلمان امت ۾ اتحاد جي فروغ جي لاءِ ڪردار کي ساراهيو. صدر ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ بيگناهه ماڻهن جي خلاف ڀارتي فوج جي ظلمن خاص طور تي آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني قدمن جي ڏس ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال کي اجاگر ڪندي چيو ته عالمي برادري کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جي حل جي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن دهشتگرد ڪاررواين ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ ۽ پاڪستان جي خلاف ڀائر ملڪ افغانستان جي زمين استعمال ڪرڻ جي حوالي سان ڳڻتي جو اظهار ڪيو. صدر لاهور ۾ پيش ايندڙ تازي دهشتگردي جي واقعي جو حوالو به ڏنو جنهن ۾ ڀارت ملوث ڏٺو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جي پٺيان ڀارت جو هٿ آهي جيڪو عسڪريت پسندن ۽ دهشتگرد عنصرن کي تربيت ۽ مالي مدد فراهم ڪري رهيو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڀارت ۾ يورينيئم جي غيرقانوني واپار جي واقعي تي عالمي برادري جي خاموشي تي پڻ ڳڻتي ظاهر ڪئي. هن مختلف علائقائي ۽ عالمي فورمن تي خاص طور تي ڪشمير ۽ فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي معاملي تي پاڪستان جي حمايت ڪرڻ تي ترڪيءَ جا ٿورا مڃيا. صدر جنرل اميت دندار جي ٻنهي ڀائرن ملڪن جي فوجن جي وچ ۾ لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو ۽ نشان امتياز (ملٽري) حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي جنرل اميت دندار چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ گڏيل عقيدي، قدرن ۽ تاريخي لاڳاپن تي ٻڌل پراڻو تعاون قائم آهي. هن چيو ته ترڪيءَ جي عوام پاڪستانين کي پنهنجو ڀاءُ سمجهي ٿي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سمورن شعبن خاص طور تي دفاعي ميدان ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن صدر پاران نشان امتياز (ملٽري) ڏيڻ تي سندس ٿورا مڃيا. ان کان اڳ هتي ايوان صدر ۾ صدر هڪ خصوصي تقريب ۾ جنرل اميت دندار کي نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪيو. تقريب ۾ پاڪستان جي سينيئر فوجي ۽ سول عملدارن شرڪت ڪئي.
113