92

ايس او پيز تي عمل نه پيو ٿئي، سخت پابنديون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ٿي سگهي ٿو: اين سي او سي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 29 ڄڻا فوت، 1228 نوان ڪيس،  سنڌ ۾ 8  ڄڻن دم ڏنو، 373 ڪيس پازيٽو آيا، ڪراچي ۾ مثبت ڪيسن جي شرح 9.70 سيڪڙو رڪارڊ، رپورٽ موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 29 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 1228 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي آهي، پازيٽو ڪيسن جي شرح 2.57 سيڪڙو رهي، ٻئي طرف ڪراچي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران مثبت ڪيسن جي شرح 9.70 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته حيدرآباد ۾ 3.90 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف  گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪوروناوائرس سبب وڌيڪ اٺ مريض فوت ٿيا ۽ فوتين جو تعداد 5528 ٿي ويو آهي ۽ 9743 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 373 نوان ڪيس سامهون آيا. اِها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران سومر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌائي وئي. هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 15 مريض پنهنجي حياتيون وڃائي ويٺا ۽ فوتين جي تعداد 5528 تائين پهچي وئي آهي جيڪا 1.6 سيڪڙو فوتين جي شرح آهي. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 4580272 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن جن مان 341258 ڪيس ظاهر ٿي چڪا آهن انهن مان 92.4 سيڪڙو يعني 314937 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 341 مريض پڻ شامل آهن. وڏي وزير چيو ته هن وقت 20793 مريض علاج هيٺ آهن انهن مان 20039 گهرن ۾، 62 آئسوليشن سينٽرن ۽ 692 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 633 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي جن ۾ 44 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو. بيان موجب 373 ڪيس مان 205 ڪراچي جا آهن جن ۾ ضلع اوڀر 79، ضلع سينٽرل 44، ضلع ڪورنگي 35، ضلع ڏکڻ 32، ضلع ملير 10 ۽ ضلع اولهه 5 شامل آهن. حيدرآباد ۾ 33، شهيد بينظرآباد 25، نوشهروفيروز 22، بدين 17، سانگهڙ 16، مٽياري 14، ٺٽو 13، ڄامشورو 9، سجاول 8، ميرپورخاص 4، دادو 3، گهوٽڪي 2 ڪيس آهن. وڏي وزير صوبي جي عوام تي زور ڀريو آهي ته ايس او پيز تي عمل ڪيو وڃي.هوڏانهن منصوبابندي واري وفاقي وزير ۽ اين سي او سي چيئرمين اسد عمر  جي سربراهي ۾ ڪورونا بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو، اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل بيان ۾ اين سي او سي چيو آهي ته ريسٽورنٽس، انڊور جمز، شادي هالز، ٽرانسپورٽ، مارڪيٽن، سياحت ۽ ٻين شعبن ۾ ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ٿئي پئي، جيڪڏهن انهن هنڌن تي ايس او پيز تي عملو نه ڪيو ويو ته سخت پابنديون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري سگهون ٿا، اين سي او سي مطابق ويڪسين  لڳائڻ وقت ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته ويڪسينيشن رڪارڊ نيشنل ايميونائيزيشن مئنيجمينٽ سسٽم (نمز) ۾ لکيو ويو آهي. ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان جي صحت بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته گذريل هفتي جا انگ اکر ٻڌائي رهيا آهن ته ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ ٿي آهي، ماسڪ جو استعمال، هجوم کان دوري ۽ ويڪسينيشن وائرس کان بچائي سگهن ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو