116

ملازمن کي پڪو نه ٿا ڪري سگهون، اهو حڪومتي ڪم آهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ پوليس ڪمپلينٽ ڪميشن ۽ پبلڪ سيفٽي  ڪي پي ڪي ۾ ڀرتين بابت سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي، عدالت ڪانٽريڪٽ ملازمن کي گريڊ 17 ۾ مستقل ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ڪي پي ڪي ۾ بليڪ مني جو سلسلو هلي پيو، عدالت ڪنهن به شخص کي پڪو نه ٿي ڪري سگهي، اهو حڪومتي ڪم آهي، جڏهن ته جسٽس اعجاز الاحسن رمارڪس ڏنا ته پبلڪ سروس ڪميشن کانسواءِ درخواست داخل ڪندڙن کي ڪيئن پروموٽ ڪيو؟، جنهن تي ملازمن جي وڪيل چيو ته ڪجهه ملازمن کانسواءِ باقي سمورا ملازم ريگيولر ڪيا ويا  آهن، سول جج به بغير امتحاني مقابلي جي مقرر ٿيندا آهن، جنهن تي جسٽس اعجاز الاحسن رمارڪس ڏيندي چيو ته جج پبلڪ سروس ڪميشن جي تحت ناهن ايندا، انهن جي لاءِ الڳ شرط هوندا آهن، جسٽس مظاهر علي اڪبر  نقوي رمارڪس ڏنا ته اڃا تائين جاچ ڪاميٽي ڇو ناهي ٺاهي وئي؟ بعد ۾ چيف جسٽس ايندڙ ٻڌڻي تي ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي ڪي کي طلب ڪري ورتو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو