147

پٺتي پيل سماج کي نئين سجاڳي جي ضرورت….

ليکڪ: امجد ڀيلار

سنڌ ڌرتي ڪائنات جي سمورن خطن کان وڌيڪ سهڻي، وشال ۽ قدرتي وسيلن سان ڀرپور آهي، فطرت جي سڀني رنگن سان ٽمٽار ۽ هميشه سرسبز ۽ شاداب رهي آهي. اهڙين ئي خوبين جي مالڪ هوندي صدين کان ڌارين ۽ لٽيرن جي اک ۾ ڪنڊو ٿي چڀندي رهي آهي. ڌارين جي ڌاڙن هن ڌرتيءَ جي حسن کي ڪنهن حد تائين بگاڙي ڇڏيو آهي، انهن ڌارين سنڌي عوام کي لٽيو ۽ ڦريو آهي. ٻيو ته هتان جو رهندڙ هر حقيقي فرد جيڪو هن ڌرتيءَ جو وارث آهي ان کي غربت جي ڌٻڻ ۾ ڦاسايو ويو آهي، هٿرادو طور غربت پيدا ڪئي وئي آهي ته جيئن هتان جي رهاڪن کي اها خبر ئي پئجي نه سگھي ته هو ڪيتري نه امير ترين ديس جا وارث ۽ مالڪ آهن، اسان کي ايترو ته غلامي، غربت ۽ بيروزگاريءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسايو ويو آهي، جو اسان کي پنهنجا وسيلا ياد ئي نه آهن.اسان کي پنهنجي ديس جي حق،حاڪميت ۽ خودمختياريءَ کان به محروم رکيو ويو آهي ڇو ته اسان جي سماج جو هڪڙو ئي عڪس بيٺو آهي.جيڪو آهي غربت. سنڌي سماج هن وقت سئو سيڪڙو غربت جي لڪير هيٺ اچي ويو آهي، سنڌ جو هر فرد غربت جي هڪ اهڙيءِ اونداهي کاهيءَ ۾ ڪرندو ٿو رهي.جنهن مان ٻاهر نڪرڻ ڏينهون ڏينهن ڏکيو ٿيندو پيو وڃي ۽ انهيءَ هڪڙي غربت واري اثر هيٺ اسين پنهنجو سڀ ڪجهھ وڃائي رهيا آهيون. نه اسين سٺي تربيت پرائي سگھيا آهيون نه ئي وري ڪا سٺي تعليم پرائي رهيا آهيون، نه ئي وري سٺي صحت جون ڪي سهتولتون حاصل ڪري سگھيا آهيون.جيستائين غربت جو اونداهو دور راڪاس وانگر قوم جي مٿان ڇانيل رهندو تيستائين اسين انهن سڀني سهولتن کان محروم رهنداسين.اسين صرف پنهنجي وجود جو ڳٽ ڳچيءَ ۾ پائي پنهنجي پيٽ گذر لاءِ واجھائيندا رهون ٿا.اسان وٽ ايترا وسيلا نه آهن جيتريون اسان جون ضرورتون آهن، ڏينهن رات محنتون ڪندي گذرن ٿا، تنهن جي باوجود به قرض ۽ مرض رهجيو وڃن ٿا.انهن جو ڪو حل نه پيو ٿئي. ”بک بڇڙو ٽول داناءَ ديوانا ڪري،“ جڏهن بک دانائن جي اها حالت ٿي ڪري ته هن بيوس قوم جي ڪهڙي حالت هوندي، اهو سمجھي سگھون ٿا، اهو ئي سبب آ جو اسان وٽ نه ڪا سٺي تخليق ٿي سگھي ٿي نه ڪو سٺو فن ۽ فنڪار ٿي سگھي ٿو.هتي فن ۽ فنڪار صرف پيٽ جي بک ۽ اڃ اجهائڻ لاءِ آهي.هتي اسين ڪتيرين ئي صلاحيتن جا مالڪ هوندي به ڪجهه نٿا ڪري سگهون، اسين غلام هجڻ واري خيال کي ڇڏي پنهنجي ان هڪڙي خيال جا غلام ٿي ويا آهيون ته اسان جي ٻن ويلن جي ماني جو بندوبست ڪيئن ٿيندو؟ باقي سنڌ جي وسيلن سان ڇا پيو ٿئي سنڌي قوم سان ڪهڙيون جٺيون پيون ٿين اها ڳالهه ڪنهن جي خيال ۽ گمان ۾ ئي نه آهي. اسين هڪ اهڙي کڏ ۾ ڪري پيا آهيون جو اسان کي پنهنجي ضمير،پنهنجي قوم،پنهنجي وسيلن جي کسجڻ جو احساس ئي نه آهي، اسان کي پنهنجي پيارن جي وڇوڙن جو به احساس نه رهيو آهي.ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ته بک جڏهن پيٽ مان نڪري ذهنن ۾ گھر ڪندي آهي ته بارود بڻجي ويندي آهي ۽ پوءِ اتان جي ظلم ڪندڙ کي ڪير به تباهيءَ کان بچائي ناهي سگھندو.پر آءُ چوان ٿو ته سنڌ ۾ ان بک جو بارود جڏهن ذهنن ۾ پهچي ٿو ته ظالم جي طرف اک کڻڻ کان پهريائين ان ذهن ۾ ڦاٽي ٿو ۽ ان جي جسم ۽ روح کي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏي ٿو، سنڌ ۾ هر روز آپگھات ان ڳالھه جو چٽو ثبوت آهن.سنڌ جي سماج ۾ بيوسي ايترو ته پاڙن ۾ کپي وئي آهي جو سنڌ جا ماڻهو پنهنجي دشمن کي ميرِي اکِ کڻي به نه ٿا ڏسن. ان کان اڳ پنهنجي وجود کي ختم ٿا ڪري ڇڏين.ڇو؟ پر ها انهن ذهنن کي بک آهي تعليم،شعور ۽ سمجھه نه آهي. انهن ذهنن کي اها خبر ئي نه آهي ته ڏوهاري ڪير آهن، قوم جي مٿي تي ڪا به جوءَ به نه ٿي چري ان جو ڪارڻ اهو ئي غربت آهي، ڇو ته هيءَ قوم جيڪا ٻن ويلن جي مانيءَ جي لاءِ پريشان آهي، ان سڀ جو ذميوار آخر ڪير آهي؟ جيڪو اڳواڻن کي جيل ۾ وجھي ٿو،عوام کي بک ۽ بدحالي ڏئي ٿو، اها صرف هڪڙيءِ ئي طاقت آهي جيڪا انهن سڀني ڳالهين جي ذميوار آهي.جنهن سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪيو. اهي ئي ماڻهو ان طاقت سان گڏ بيٺل آهن جيڪي اسان کي بکيو ڏسي صبر جي تلقين ڪن ٿا. هن وقت سخت ضرورت آهي ته سڀ جو سڀ گڏجي انهن مسئلن جي حل لاءِ جاکوڙ ۽ جدوجھد ڪيون، سڀ ننڍا، وڏا، مرد توڙي عورتون، استاد، شاگرد، اديب، دانشور، شاعر، فنڪار، هاري، ناري، مزدور، ڊاڪٽر، انجنئير، سياستدانن سميت هر فرد کي پنهنجو وجود بچائڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي، دنيا کي ڏيکارڻو پوندو ته سنڌي قوم ان قفقنس پکيءَ وانگر آهي جيڪو پنهنجي ئي رک مان وري جنم وٺندو آهي، جي قوم اٿي پوي ته سنڌ سڄي عالمي امن جي اڳواڻي ڪري سگهي ٿي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو