ليکڪ: ورونيڪا سمنڪ
اڄ کان 100 سال اڳ پاڙيسري روس ۾ زار جي سطلنت ختم ڪندڙ بالشويڪ تحريڪ کان متاثر چيني باغين جي هڪ ٽولي ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا (سي سي پي) قائم ڪئي، سوويت ڪميونزم وانگر سندن ڌيان جو مرڪز مزدور طبقو هو ۽ شروعاتي طور تي اها تحريڪ وڏن وڏن شهرن ۾ مشهور ٿي، پر ان وقت اقتدار تي ويٺل ڪومنٽينگ قومپرستن (ڪي ايم ٽي) هٿان سندن مشڪلات وڌڻ لڳي ته ڪميونسٽ پارٽي جي هڪ اڳواڻ مائوزي دونگ روايتي مارڪسسٽ خيالن کي ڇڏي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ مزاحمت جو انتظام ڪرڻ شروع ڪيو، سندس اها حڪمت عملي ڪامياب رهي ۽ سي سي پي ڪجهه ئي سالن ۾ ڪي ايم ٽي جي سڀ کان وڏي مخالف جماعت بڻجي وئي، ٻن ڏهاڪن تائين گهرو ويڙهه کانپوءِ سي سي پي ڪامياب ٿي ۽ آڪٽوبر 1949ع ۾ مائو پيپلز ريپبلڪ آف چائنا جو مارڪس ۽ لينن جي خيالن تي بنياد وڌو، اڄ هڪ صديءَ کانپوءِ به سي سي پي چين ۾ اقتدار تي ويٺل آهي، سندس موجوده ليڊر شي جن پنگ کي ڪيترائي ماڻهو مائو کان پوءِ طاقتور ترين ليڊر مڃين ٿا، ڇو ته هو پارٽي، رياست ۽ آرمي ٽنهي کي پنهنجي گرفت ۾ رکي ويٺو آهي، جيڪي ڪميونسٽ خيالن ۾ اهم ترين 3 عنصر هوندا آهن. پر اڄ جو چين مائو ۽ سي سي پي جي بانين جي خيالن کان بلڪل مختلف آهي، ايستائين جو ڪيترن ئي ماڻهن جي خيال ۾ متضاد آهي. جيتوڻيڪ مائو ليبر کي مجموعي بنيادن تي کڻي آيو، معيشت کي سينٽرلائيز ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي ثقافتي انقلاب دوران سرمائيداراڻي نظام جي حامين کي ديوار سان لڳائي ڇڏيو، اڄ چين ۾ ارب پتين جو ٻيو وڏو انگ موجود آهي. فوربز رسالي جي تازي لسٽ مطابق چين ۾ 626 ماڻهن جي ماليت هڪ ارب ڊالر کان وڌيڪ آهي، 239 ان لسٽ ۾ گذريل سال شامل ٿيا. صرف آمريڪا ۾ ان کان وڌيڪ ارب پتي آهن جتي اهو انگ 724 آهي، پر ڪمپنين جي درجابندي ۾ چين سڀني کان اڳتي آهي، دنيا جي 500 وڏين ڪمپنين مان 124 چيني آهن، ٻئي نمبر تي 121 ڪمپنيون آمريڪي آهن، آءِ ايم ايف مطابق مجموعي قومي پيداوار جي حوالي سان آمريڪا سڀ کان اڳتي آهي، پر قوت خريد جي تناظر ۾ چين دنيا جي سڀ کان وڏي معيشت آهي.چين جو بئنڪاري سيڪٽر به دنيا جو امير ترين ۽ اثاثن جي حساب سان دنيا جي سڀ کان وڏي بئنڪ آءِ سي بي سي به چين جي آهي، ته اسان اهو ڪيئن سمجهايون ته دنيا جي سڀ کان وڏي ڪميونسٽ ملڪ وٽ ايتري دولت آهي ۽ ڪجهه ماهرن جي خيال موجب چين دنيا جو سڀ کان وڏو مرڪزي معاشي سپر پاور بڻجڻ وارو آهي.چيني طرز جي سوشل ازم واري سوال جو جواب انهن تبديلين ۾ جيڪي دنگ شائو پنگ 1978ع ۾ آنديون هيون، مائو جي انتقال کي اڃا 2 سال ٿيا هئا دنگ شائو پنگ هڪ اهڙو معاشي پروگرام متعارف ڪرايو، جنهن کي ريفارم اينڊ اوپنگ (سڌارا ۽ مارڪيٽون کولڻ) جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. دنگ مائو جي بلڪل ابتڙ ڪيو، هن معيشت کولي ڇڏي، نجي سيڪٽر کي اڀرڻ ڏنو، طاقت ورهائي ڇڏي ۽ فيصلي ڪرڻ جا اختيار مقامي سطح جي عملدارن کي ڏئي ڇڏيا، هن آهستي آهستي ڪومينز ختم ڪيا ۽ ماڻهن کي وڌيڪ آزادي ڏيڻ شروع ڪري ڇڏي، هاڻ هو پنهنجي زمينن تي جيڪو پوکيندا هئا، ان کي وڪڻي سگهندا هئا. هن عالمي سطح تي به چين جا لاڳاپا وڌايا، سرد جنگ دوران مائو جي آخري سالن ۾ نيڪسن چين جو تاريخي دورو ڪيو ته پوءِ ان کانپوءِ دنگ شائو پنگ به آمريڪا ويو ۽ واشنگٽن سان لاڳاپا وڌايا. اهڙي طرح مغربي ملڪن ۽ چين وچ ۾ معاشي لاڳاپا وڌڻ لڳا، مشهور مغربي برانڊ ميڪڊولنڊز، ڪوڪا ڪولا ۽ بوئنگ کي چين سان ڪم ڪرڻ ڏنو ويو، دنگ شائو پنگ سرمائيداراڻي نظام جا جيڪي محدود عنصر متعارف ڪرايا، ان جي نتيجي ۾ بڻجندڙ نظام کي چين جي خاصيتن واري سوشل ازم جو نالو ڏنو ويو. هي هڪ ڪامياب فارمولو هو جنهن جي ڪري چين ٽن ڏهاڪن تائين تيزي سان ترقي ڪندو ويو ۽ ان کانپوءِ ايندڙ اڳواڻن يانگ زيمن، هوجن تائو ۽ موجوده شي جن پنگ اهو سلسلو برقرار رکيو. چين دنيا جو واپاري مرڪز بڻجي ويو ۽ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ شيون ٺاهيندڙ ۽ وڪڻندڙ ملڪ بڻجي ويو. اڄ چين ڪپڙو ٺاهڻ، ٽيڪسٽائلز ۽ برقي اوزارن جي مارڪيٽ تي قابض آهي ۽ لاتعداد چيني ڪمپنيون ٽيڪنالاجي جي مارڪيٽ ۾ سڀ کان اڳتي آهن جيئن لينووو ۽ علي بابا، چين جي سڀ کان وڏي نجي ڪمپني هواوي فائيو جي ٽيڪنالاجي جي ترقي ۾ سر فهرست آهي ۽ دنيا ۾ موبائل فون ٺاهيندڙ وڏن ادارن مان هڪ آهي. فوربز جي لسٽ ۾ شامل ڪيترن ئي چيني ارب پتين مان گهڻا ان ۽ ٻين ڪامياب نجي ڪمپنين جي بانين مان هڪ آهن، اڃا به سوال اهو آهي ته ڇا اسان چين کي ڪميونسٽ ملڪ چئي سگهون ٿا؟ سياسي نقطئه نظر سان ان جو جواب ها ۾ آهي، پنهنجي قيام جي هڪ صديءَ کانپوءِ سي سي پي ئي چين ۾ اڪيلي سياسي قوت جي طور تي موجود آهي، جنهن جي حڪمراني جي طرز سڄي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پکڙيل آهي، هي پارٽيءَ هر شهر ۽ ضلعي ۾ پنهنجو وجود رکي ٿي، پارٽي جو ڍانچو هڪ احرام جي شڪل وراو آهي، جنهن ۾ سڀ کان وڏي پوزيشن تي انتهائي گهٽ ميمبر آهن ۽ انهن کي فيصلا سازي جو اختيار آهي ۽ ساڍن 9 ڪروڙن کان وڌيڪ ميمبر سڀ کان هيٺئين درجي تي آهن. نيشنل پيپلز ڪانگريس يعني پارليامينٽ چين جي صدر جي چونڊ ڪري ٿي ۽ ان اداري تي سڌي ريت سي سي پي جو ڪنٽرول آهي. سي سي پي حڪومت ۾ سمورن اعليٰ عملدارن کي ڪنٽرول ڪري ٿي، ان کانسواءِ رياست جي نگراني ۾ هلندڙ ڪمپنيون، اسڪول، اسپتالون ۽ سماجي گروپ به ان پارٽي جي نگراني ۾ آهن. جيئن ڪنهن جمهوري ملڪ ۾ گهڻيون سياسي پارٽيون هونديون پر چين ۾ اسان جي خيال مطابق سي سي پي کانسواءِ ڪا به سياسي پارٽي ناهي. بيپتيسا يونيورسٽي ۾ پوليٽيڪل سائنس جي پروفيسر جين پيري ڪيبستن فارن پاليسي ميگزين ۾ سي سي پي بابت لکيو ته هي پارٽي اسٽيٽ آهي، هي پارٽي اسٽيٽ پنهنجي نظريي تي وڌيڪ ڌيان رکي ٿي. اتي صحافت جي آزاديءَ جو ڪو به تصور نه آهي پر ڪجهه نجي ميڊيا هائوس ضرور موجود آهن پر ميڊيا حڪومت جي ڪنٽرول هيٺ آهي. انساني حقن تي ڪم ڪندڙ تنظيم هيومن رائيٽس واچ مطابق چين جي حڪومت انٽرنيٽ، ميڊيا ۽ تعليمي شعبي تي مڪمل ڪنٽرول رکي ٿي، ان تنظيم مطابق چين جي حڪومت مذهبي اقليتن تي ظلم ۽ ستم به ڪري رهي آهي ۽ انساني حقن جو دفاع ڪندڙن کي حراست ۾ رکي ٿي پر جيڪڏهن هن ملڪ کي معاشي نقطئه نظر سان پرکيو وڃي ته معاملو بلڪل مختلف آهي، ڪيلسي براڊرڪ عالمي معاملن جو ماهر تجزيي نگار آهي ۽ هو ايشيائي معاملن تي به مهارت رکي ٿو. (هلندڙ)