ليکڪ: اسرا سومرو
جديد ٽيڪنالاجي جتي سهولتن جو ڪارڻ آھن اُتي ان سان روايتي، خانداني ۽ ثقافتي لاڙا پڻ خطري ۾ به پئجي چُڪا آھن، جديد ٽيڪنالاجي جي آمد جتي زندگي جو سفر آسان ڪيو آهي ته خطري ۽ نقصان ۾ وڌاءُ به ٿي ويو آھي، سنڌ جي ثقافتي ۽ روايتي ورثي ۾ شامل دهل ۽ شرنائي جو وجود پڻ جديد ٽيڪنالاجي جي ڪري ختم ٿيڻ لڳو آهي، سنڌ جي شهرن سميت ٻهراڙين ۾ وڏي جوش سان زندگي جي خوشين ۾ دهل ۽ شرنائي وڄائي رنگ ڀريندڙ مڱڻهار فقيرن کي اڳي ماڻهو هفتن جا هفتا اڳ والار ڪري خوشي وارن پروگرامن مثال طور شادين، مڱڻين، رسم طهر سنت ۽ مهمانن جي آجيان سميت جلسن جلوسن ۾ گهرائي خوشين کي ٻيڻو ڪندا هئا، پر موجوده دور ۾ جديد ٽيڪنالاجي انهي ثقافتي رنگ کي وڏي تيزي سان پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي، اڄ جي دور ۾ ڪمپيوٽرن، ڊي وي ڊي پليئر، سي ڊي، لائوڊ اسپيڪرن ۽ ميمري ڪارڊن جي وڌيڪ استعمال سان دهل شرنائيون وڄائيندڙ مڱڻهار فقيرن جي روزگار جو ذريعو ختم ٿي رهيو آهي، اڳ جتي انهن لاءِ پروگرامن کي سنڀالڻ مشڪل بڻيل هوندو هو، اڄ هو ٻن ويلن جي ماني کائڻ لاءِ پريشان بڻيل آهن، سنڌ جي ثقافت کي اجاڳر ڪرڻ جي دعويدار ثقافت کاتي به مڱڻهار فقيرن کي وساري ڇڏيو آهي ۽ هن ثقافتي ورثي کي بچائڻ لاءِ سرڪاري سطح تي ڪي به اپاءَ نه ورتا آهن، سرڪاري پروگرامن ۾ به سنڌ جي ثقافت ۾ اهميت رکندڙ دهل ۽ شرنائي وڄائيندڙ مڱڻهار فقيرن کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪيو ويو آهي، اهم سرڪاري ثقافتي پروگرام پنهنجي جاءِ تي پر شاهه عبدالطيف ڀٽائي، سچل سرمست، قلندر لعل شهباز ۽ سمن سرڪار سميت ٻين اهم هستين جي ساليانن عرسن تي به مڱڻهار فقيرن نٿو گهرايو وڃي، سنڌ سرڪار پاران ثقافت کاتي کي سنڌ ۾ ثقافتي شين ۽ ثقافت کي اجاڳر ڪندڙ ڪردارن لاءِ ڪروڙين رپيا ساليانو فنڊ ڏيڻ باوجود ثقافت کاتي ڪو به اهم ڪردار ادا نه ڪيو آهي، جنهن سبب دهل ۽ شرنائي وڄائي خوشين کي ٻيڻو ڪندڙ مڱڻهار اڄ اڪثر روڊن، رستن جي فٽ پاٿن تي خانابدوش ۽ فقيرن جيان زندگي جو سفر پورو ڪري رهيا آهن، سندن سرڪاري سطح تي پڻ واهر نه ٿي رهي آهي. مڱڻهار نه صرف شادين، مڱڻين ۾ دهل وڄائڻ جو هُنر رکن ٿا پر سنڌ جي راڳ رنگ ۾ به هنن جو وڏو ڪردار آهي، سنڌي موسيقي جي ڏيهان ڏيهھ مشهوري ۾ پڻ هنن جو وڏو ساٿ شامل آهي نه رڳو راڳ پر سنڌ جي دهل ۽ شرنائي تي لوڪ رقص به ڏيهھ توڙي ڏيساور ۾ مشهوري ۽ وڏي اهميت رکندڙ آهي، ٻهراڙي هجي يا شهر پر خوشين ۾ لوڪ رقص لاءِ دهل ۽ شرنائي جي هر صورت ۾ ضرورت پوي ٿي، سنڌ جي لوڪ گيت هو جمالو کان وڌيڪ سنڌ جي قومي گيتن سميت سنڌ جي ڪيترن ئي بزرگن جي درگاهن تي عرس جي موقعي تي دهل شرنائي جي وڄڻ سان رقص کي چار چنڊ لڳي ويندا آهن، هو جمالو هڪ سنڌي لوڪ گيت آهي جيڪو اڪثر پروگرامن جي آخر ۾ ڳايو ويندو آهي، هو جمالو گيت تي رقص به مختلف انداز ۾ ڪيو ويندو آهي، جڏنهن ته دهل ۽ شرنائي وڄڻ سان من اندر مستي وارو ماحول جنم وٺي ٿو، ته هر ماڻهو جهومڻ تي مجبور ٿي ويندو آهي، اڪثر مڱڻهار پاڻ به مستي ۾ مگن ٿي جهومي پون ٿا پر ڏٺو وڃي ته گذريل ڪيتري عرصي کان جديد ٽيڪنالاجي جي اچڻ سان نه رڳو مڱڻهار فقيرن تي ان جا ناڪاري اثر پيا آهن پر سنڌ ۾ فنڪارن کي فاقاڪشي جي ڪنڌي تي پهچائي ڇڏيو آهي. سنڌي ثقافت جي سفيرن منڱڻهارن فقيرن جي فن کي جدت ڳڙڪائي وئي ۽ هو روڊن تي ويهي ماڻهن جو ڌيان ڇڪڻ لڳا آھن ڪيترا ئي دهل شرنائي واري روايت ڇڏي ٻين ڌنڌن کي پنهنجي زندگي جو حصو بڻائي پيٽ گذر ۾ پوارا آھن، جدت جي وڌندڙ اثرن سنڌ جي هن شاندار ثقافتي جز کي ڪاپاري ڌڪ هنيو آھي سرڪاري سرپرستي توڙي ماڻهن جو ثقافت کان پري ٿيڻ به زوال جو سبب بڻيل آھي، سنڌ جي ٻهراڙين وارن علائقن ۾ مڱڻهار فقيرن جو مان ۽ مرتبو اڄ به برقرارآهي، جيڪي دهل شرنائي کي سنڌ جي ثقافت جو اهم جُز سمجهي خوشين ۾ مڱڻهارن فقيرن کي شامل ڪندا آھن، اڪثر علائقن ۾ مختلف قبيلن جا خانداني مڱڻهار هوندا آھن، اهي قبيلا صرف انهن ئي مڱڻهارن کي گهر اندر عورتن جي سهرن، لاڏن توڙي مختلف رسمن ۾ وٺي ويندا آھن، فن جي ڪاريگري رکندڙ مڱڻهارن کي مڃتا بدران زوال پذيري ملڻ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آھي، ماضي ۾ سنڌ جا ماڻهو اولاد جي ڄمڻ کان وٺي شادي تائين هر ننڍي وڏي خوشي ۾ مڱڻهار فقيرن کي لازمي گهرائيندا هئا ۽ ان کانسواءِ تقريب نامڪمل سمجهي ويندي هئي ان ۾ مڱڻهار فقير شهنائي تي ڌنون ۽ دهلن تي تالن سان اهڙو ساز ڇيڙيندا هئا جو ٻارن کان وٺي پوڙهن تائين سڀ رقص ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا هئا، جڏهن ته اليڪشن وارن ڏهاڙن ۾ به سياسي پارٽين جي ريلين ۾ دهل شرنائي جو اهم ڪرادر هوندو هيو، دهلن ۽ شرنائي جا مخلتف قسم پڻ ٿين ٿا، گزي ڪربلا جي ميدان ۾ شهادت جو رتبو ماڻيندڙ رسول ص جي آل کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ محرم جي مهيني ۾ گزي شايدن ۾ متو ۽ عام پروگرامن ۾ بنارسي ڪو ڪو وڄائي روايت جي انداز وارو دهل من اندر سحر طاري ڪندو آھي، دهلن ۽ شرنائي جي مخلتف قسمن جا ساز ۽ تال مخلتف موقعن تي وڄايا ويندا آهن. محرم ۾ وڄائي ويندڙ گزي شهنائي سنڌ ۾ حيدرآباد، روهڙي، دادو، مورو، لاڙڪاڻو، ڪوٽڙي ۽ ڪجهھ ٻين شهرن ۾ وڄائي ويندي هئي، پر هاڻي گزي صرف حيدرآباد، روهڙي ۽ ڪوٽڙي ۾ موجود آهي، باقي شهرن ۾ ان جو وجود ناهي رهيو. دهل ۽ شرنائي جي ختم ٿيندڙ وجود سان لاڳاپيل نه صرف مڱڻهار، گهور ميڙيندڙ پر دهل ۽ شرنائي جا تخليقار جيڪي مختلف قسمن ۾ وڏي مهارت ۽ ڪاريگري سان دهل ۽ شرنائي ٺاهيندا هئا انهن جو پڻ زوال اچي چُڪو آھي، ڪوٽڙي جا مڱڻهار پوري پاڪستان ۾ واحد بنارسي شرنائي وڄائيندڙ هئا، جيڪي عابده پروين کان وٺي ڪيترن ئي ناليوارن فنڪارن سان ڳائي چُڪا، جن ۾ استاد عبدالله خان پڻ شامل آھي.