128

ايپس ۽ يوزرس جي معلومات جو تحفظ…

ليکڪ: الطاف ابڙو

 عام زندگي ۾ اهو نظريو تمام گھڻو مقبول آهي ته موبائل فون ڳجھي نموني اسان جون ڳالھيون ٻڌن ٿا، پر اها ڳالهه پوري طرح سان درست  نه آهي. انهيءَ ريت فون ۾ موجود ايپس بابت به ماڻهن کي کٽکا آهن، ته انهن جي ذريعي به سندن ڊيٽا ڪنهن ٽين ڌر کي ملي ٿي. سمارٽ فون جي نگراني ڪرڻ بابت جيڪي ماڻھو پنهنجا ذاتي تجربا شيئر ڪن ٿا، اهڙيون پوسٽون اڪثر ميڊيا تي ڏسجن ٿيون، پوءِ اها چيني ميڊيا هجي يا مغربي ميڊيا.  چين گذريل سال آڪٽوبر ۾ ملڪ جي پهرين ذاتي معلومات بابت تحفظ وارو قانون پيش ڪيو آهي. جنهن ۾ شهرين جي رازاداري جي تحفظ بابت عوامي شعور کي اجاگر ڪيو آهي.  زيائو ذات جو هڪ انٽرنيٽ يوزر اهڙن ماڻهن مان آهي جنهن کي پڪ آهي ته سندس فون تي ڪيل ڳالھه ٻولھه کي ريڪارڊ ڪيو ويو آهي، زيائو کي ان معاملي بابت شڪ تنهن وقت ٿيو جڏهن هڪ ڀيري سندس ماءُ پيءُ کانئس يونيورسٽي ۾ تعليم پوري ٿيڻ بابت ڳالھه ٻولهه ڪئي. ڳالھه ٻولهه جي پوري ٿيڻ جي صرف ٻن ڪلاڪن کان پوءِ زيائو کي علي بابا جي هڪ ايپ تي علي بابا جي يونيورسٽي جي ڪلاسن بابت اشتهار اچڻ لڳا، گھڻو سوچ ويچار ڪرڻ کان پوءِ زيائو کي سمجهھ ۾ آيو ته اهو سڀ فون تي ٿيل ڳالهه ٻولهه جونتيجو آهي، جڏهن زيائو ان ڳالهه بابت معلومات پنهنجي دوستن کي ڏني ته انهن مان ڪيترن ئي دوستن اهڙن ئي ملندڙ جلندڙ تجربن بابت ٻڌايو، ڪيترن ئي مقبول چيني شاپنگ، ميسيجنگ ۽ وڊيو ايپس کي ڳجھي ريت ريڪارڊنگ ۽ نجي ڳالهه ٻول جو غلط استعمال ڪرڻ وارن طور ڏٺو ويندو آهي. هڪ يوزر لکيو آهي ته،”هڪ ڏينهن منهنجي زال فون ڪري ڪڪڙ آڻڻ جو چيو ٿورڙي ئي دير کان پوءِ مون پنهنجي فون تي هڪ وڊيو ايپ کولي ته ان ۾ مون لاءِ شروعاتي سڀئي وڊيوز رڌ پچاءُ بابت هيون، انهن سڀن تجربن کي ٻڌي ائين ٿو لڳي ته واقعي اسان جي فون جي پوري پوري نگراني ٿي رهي آهي پر فون ۾ ايپ نگراني هئڻ ڳڻتي جو سبب نه آهي چيني ايپ فرم ۽ معلومات جي تحفظ بابت ماهرن مطابق ان مفروضي بابت ڪا به ثابتي نه آهي. شارٽ وڊيو ايپ ٽڪ ٽاڪ ۾ ڪم ڪرڻ واري فني ماهر لي تونگتونگ مطابق فني نقطه نظر سان،”يوزرس جي دلچسپي ۽ ڳالهه ٻولھه جي ذريعي ان جي ترجيحات بابت ڄاڻڻ ٻين قانوني ذريعن جي ڀيٽ موثر نه آهي.“  لي ٻڌايو ته اڃا ان قسم جي ڳالھه ٻولهه جي سڃاڻپ وارو طريقو شروعاتي دور ۾ آهي، تنهن کانسواءِ رڪارڊ ڪيل ڳجھا آواز خراب ڪوالٽي سبب يوزرس جي روزمرهه ڳالهه ٻولھه مان ڪم جي ڊيٽا ڪڍڻ به تمام ڏکيو آهي، شنگھائي ۾ واقع انفارميشن سيڪيورٽي جي ماهر ايلن جو به اهو خيال آهي ته اها نجي ڳالهه ٻولھه جي رڪارڊنگ ڪرڻ يا ڪنهن جي فون جا ڊيٽا چورائڻ لاءِ بيڪ اينڊ آپريٽنگ ۽ ڪمپيوٽنگ جي ضرورت آهي، جيڪو ڪو آسان ڪم نه آهي، سڀ کان اهم ڳالهه اها به آهي ته ڪمپنين ۽ يوزرس جي مفادن جا اسيڪنڊل سامھون اچي وڃن ته ان جا ناڪاري اثر به نڪري سگھن ٿا، جيئن يورزس جو ايپ يا ڪمپني ئي ڇڏي ڏيڻ، شيئرن جي قيمتي ۾ لاٿ نه صرف اهو پر ڪمپني جي ساک کي نقصان رسي سگھي ٿو،  لي  مطابق چين جو سائبر تحفظ بابت قانون واضح طور اهڙا شرط مقرر ڪري ٿو ته نيٽ ورڪ آپريٽر کي قانون معلومات انصاف ۽ ضرورت واري نظريي جي پوئيواري ڪرڻ گھرجي ۽ عوام جي نجي معلومات جو غلط استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گھرجي. جڏهن ته ايپ اسٽور کي جاري ڪرڻ کان اڳ ان ايپ بابت مفصل جاچ به ڪئي ويندي آهي، ياد رهي ته فيس بڪ ڊيٽا ليڪ تڪرار جي ڪارڻ سوشل نيٽ ورڪنگ ڪمپني فيس بڪ کي ڪروڙين ڊالرن جو نقصان ٿيو هو. يوزرس ڊيٽا کي محفوظ نه رکي سگھڻ سبب فيس بڪ تي تنقيد ڪئي وئي. فيس بڪ ڊيٽا ليڪ ۾ شروعاتي جاچ مان معلوم ٿيو ته ٽين پارٽي جي ايپس کي مداخلت جي اجازت ڏيڻ سبب ئي اهو عمل ممڪن ٿي سگھيو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو