108

نوشهري فيروز ۾ برادري جهيڙي سبب 4 ڄڻن جو قتل…؟؟؟

ايڊيٽوريل

نوشھرو فيروز ڪورٽ مان شنوائي تان واپس موٽندڙ درياخان مري ڀرسان ڳوٺ حسين بخش وڳڻ جي رھواسين مٿان  ڦل ڀرسان ڳوٺ ھاشم ڦل وٽ ھٿيار بندن حملو ڪري ڏنو فائرنگ سبب استاد عطا محمد وڳڻ، صدام وڳڻ ۽ ڪار ڊرائيور لياقت لغاري موقعي تي ئي قتل  ٿي ويا جڏھن ته اميد علي وڳڻ سخت زخمي ٿي پيو جنهن پڻ اسپتال نيئندي رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو، ٻڌايو پيو وڃي ته صدام وڳڻ ۽ اميد علي وڳڻ ڪجهھ مھينا اڳ قتل ٿيل بلاول مري جي ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل هئا ۽ گرفتار ٿيڻ کان پوءِ  جيل مان ڪجهھ ڏينھن اڳ صدام وڳڻ ۽ اميد علي وڳڻ ضمانت تي آزاد ٿي ٻاهر نڪري آيا هئا ۽ نوشھرو فيروز ڪورٽ مان شنوائي کائي واپس اچي رھيا ھيا ته سندن ڪار مٿان هٿيار بندن ڏينهن ڏٺي جو هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا ۽ فائرنگ سبب 4 ڄڻا فوت ٿي ويا واقعي  جو ڪارڻ مري ۽ وڳڻ برادري وچ ۾ 40 سالن  کان زمين جي مالڪي وارو تڪرار ٻڌايو پيو وڃي ۽ هن وقت تائين ٻنهي پاسن کان  9 ڄڻا پنهنجي جانين جو نذرانو ڏئي چڪا آهن، واقعي واري هنڌ ڦل پوليس پهتي جڏهن ته  ڳوٺاڻن کي لاش اسپتال کڻي اچڻ لاءِ ايمبولينس به نه ڏني وئي ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت نوشهروفيروز اسپتال ۾ لاش کڻائي آيا جتان پوسٽ ماٽم ڪرائڻ کان پوءِ لاش واپس ڳوٺ نيا ويا، هن واقعي کان پوءِ  علائقي ۾ سخت ڇڪتاڻ واري صورتحال ٿي وئي آھي. ڪجهه ڏينهن پهريان به نوشهروفيروز شهر ۾ سري عام پنهنجي سڄي ڄمار ڏوهارين سان مهاڏو اٽڪائيندڙ استاد پيربخش کوکر کي  گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو، جنهن جا قاتل پوليس اڃان گرفتار ڪري ناهي سگهي. اسان اڳ به لکي آيا آهيون ته سنڌ کي قبيلائي جهيڙن جي ٻارڻ ۾ ڌڪيو ويو آهي جتي روز ڪو نه ڪو انسان ان بٺيءَ جو ٻارڻ ٿئي ٿو پر افسوس ۽ ڳڻتي جوڳي صورتحال اها آهي ته انهن قبيلائي جهيڙن جي خاتمي لاءِ نه ته ڪو سياسي اڳواڻ سامهون اچي ٿو، نه ڌرين جا سردار پنهنجو ڪو اثرائتو ڪردار ادا ڪن ٿا ۽ نه ئي وري حڪومت انهن ڏوهارين جي ڳچيءَ ۾پٽو وجهي ٿي، نتيجي طور اهي ماڻهو مار مشينون سرعام مست هاٿي وانگر روڊن تي هلي رهيون آهن ۽ وڏي حڪمت عملي سان سنڌ کي گهرو ويڙهه طرف ڌڪيو پيو وڃي، هڪ ته موجوده وفاقي حڪومت سنڌ سان مسلسل ناجائزيون ۽ ڏاڍائيون ڪري ڪڏهن فنڊ، ڪڏهن پاڻي ۽ ڪڏهن ڪا ٻي شيءِ روڪي هتي احساس محرومي وڌائي ڇڏي آهي، مٿان وري سنڌ حڪومت جي جيڪو هٿ وس ۽ اختيار ۾ آهي اهو به نه پيو ڪيو وڃي، يقيني طور تي صوبي اندر امن امان جي ذميواري سنڌ حڪومت جي آهي، پر سنڌ جي حڪمرانن پڻ هتان جي ماڻهن کي ڄڻ ته وساري ڇڏيو آهي ۽ هتي باقاعده هڪ قبائلي طرز جو نظام هلي رهيو آهي، جنهن ۾ جيڪو ڏاڍو سو گابو وارو قانون هلندو آهي، يعني قانون جي ڪا به رٽ ۽ خوف نه هوندو آهي، سماج دشمن ۽ ڏوهاري ماڻهو سردارن جي پٺڀرائي، پوليس جي غفلت ۽ لالچ ۽ حڪومت جي بيحسي جو فائدو کڻندي اهڙو ته خوف وارو ماحول پيدا ڪري ڇڏيندا آهن جو ماڻهن کي اهو به احساس ٿيڻ لڳندو آهي ته هاڻ سندن اڇي ڪاري جا مالڪ اهي ئي آهن ۽ پوءِ ماڻهو آهستي آهستي انهن جي غلاميءَ ۾ جڪڙجي ويندا آهن. اسان سمجهون ٿا ته سنڌي سماج هڪ اهڙي انارڪي طرف وڌي رهيو آهي، جنهن جا مهانڊا انتهائي ڀوائتا آهن، اسان سنڌ حڪومت کان هتي وري به اها ئي گهر ڪنداسين ته صوبي ۾ حڪومتي رٽ کي بحال ڪيو وڃي ۽ قانون کي بااثرن جو غلام ۽ ڏوهارين جو ڳيجهو بڻائڻ بدران انهن جا هٿ آزاد ڪيا وڃن ۽ پوليس ۾ موجود لالچي ڪارين رڍن کي نه رڳو بي نقاب ڪرڻ جي ضرورت آهي پر انهن کي سخت سزائون ڏيڻ جي به ضرورت آهي جيئن هن سماج ۽ صوبي ۾ موجود هيءُ ماڻهو مار ڪاروبار ختم ٿي سگهي. اسان اها پڻ گهر ڪريون ٿا ته سنڌ اندر جهيڙيندڙ ڌرين ۾ ڪهڙي به طريقي سان ٺاهه ڪرايا وڃن انهن لاءِ جهيڙيندڙ برادرين جي چڱن مڙسن ۽ لٺ سردارن تي لٺ کڻڻ جي ضرورت آهي. ڇو ته جيڪڏهن سردار چاهين ته اهي جهيڙا ختم ٿي سگهن ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو