اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته بلوچستان ۾ دهشتگردي جو ڀارتي نيٽ ورڪ ڪافي حد تائين ٽوڙي ڇڏيو آهي، هاڻي قوم پرستن سان ڳالهين جي ايجنڊا طئي ڪئي ويندي، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته بلوچستان ۾ وفاقي حڪومت 731 ارب جا 131 منصوبا مڪمل ڪندي، صرف هن سال صوبائي حڪومت جو ترقياتي پروگرام 180 ارب جو آهي، هن چيو ته بلوچستان وزيراعظم عمران خان جي دل جي ويجهو آهي.
