111

قومي اسيمبلي جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس خميس تي ٿيندو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي خميس تي ٿيندو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ان ڪئميرا هوندو. پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين ملڪ محمد احسان الله ٽوانه اجلاس جي صدارت ڪندو. پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪميٽي جي گذريل سفارشن جي رپورٽ ۽ عملدرآمد جو جائزو ورتو ويندو. اجلاس ۾ افغانستان جي موجوده صورتحال، آمريڪي فوج جي نڪرڻ کانپوءِ جي اثرن جو جائزو ۽ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي به غور ڪيو ويندو. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کانسواءِ ڪميٽي جا ميمبر ۽ لاڳاپيل عملدار شرڪت ڪندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو