133

طبي مرڪزن، اسپتالن کي 15 ارب 62 ڪروڙ 80 لک 6 هزار روپين جا قرض فراهم ڪيا ويندا: اسٽيٽ بئنڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ ۽ قرنطينه وطبي سهولتن ۾ اضافي لاءِ اسپتالن ۽ طبي مرڪزن کي قرضن جي فراهمي جي اسڪيم تحت هيل تائين مختلف اسپتالن  ۽ طبي مرڪزن کي 15 ارب 62 ڪروڙ 80 لک 6 هزار روپين جا قرض فراهم ڪيا ويندا. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل تفصيل مطابق اسڪيم تحت 17 جون 2021ع تائين ان اسڪيم تحت 49 اسپتالن ۽ طبي مرڪز 19 ارب 61 ڪروڙ 80 لک 6 هزار روپين جي قرضن لاءِ درخواستون ڏنيو جنهن مان 47 اسپتالن ۽ طبي مرڪزن جي درخواستون منظور ڪيون ۽ انهن کي 6 ارب 62 ڪروڙ 80 لک 6 هزار روپين جا قرض فراهم ڪيا ويا. اسٽيٽ بئنڪ ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ ري فنانس اسڪيم تحت اسپتالن ۽ طبي مرڪزن لاءِ قرضن جي حد 50 ڪروڙ روپيا مقرر ڪئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو