122

حيدرآباد، قومي شاهراهه تي تيز رفتار ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ شخص فوت

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) نيو سعيد آباد ۾ قومي شاهراهه تي تيز رفتار ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ شخص فوت ۽ ٻه زخمي ٿي پيا. رپورٽ مطابق واصعو نيو سعيد آباد ۾ قومي شاهراهه تي تيز رفتار ڪار ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ پيش آيو. فوت ٿيل شخص جي سڃاڻپ مظهر علي ٻٻر جي نالي سان ٿي آهي جڏهن ته هن سان سفر ڪندڙ علي ٻٻر ۽ ڪارو نالي ٻه ڄڻا شديد زخمي ٿي پيا. جن کي تعلقه اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آهي. پوليس ڪار حراست ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو