لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد جي اڳواڻي ۾ منسٽر ڊليوري يونٽ ۽ يونيورسٽي آف سينٽرل پنجاب جي وچ ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي صحت جو معاهدو ٿي ويو آهي. ان موقعي تي پرو ريڪٽر يونيورسٽي آف سينٽرل پنجاب ڊاڪٽر نصر اڪرام، ڊاڪٽر فيصل مصطفيٰ، ماجد رفيق، پروفيسر جاويد چوڌري ۽ سجاد حفيظ کان علاوه شاگردن ۽ شاگردياڻين جو وڏو انگ موجود هو. ڊاڪٽر ياسمين راشد ويڪسينيشن جي آگاهي لاءِ مختلف مقابلن ۾ نمايان پوزيشن ماڻيندڙن ۾ انعام پڻ ورهايا. منسٽر ڊليوري يونٽ جي سجاد حفيظ اور يونيورسٽي آف سينٽرل پنجاب جي پرو ريڪٽر ڊاڪٽر نصر اڪرام معاهدي جي يادداشت تي صحيحون ڪيون. ڊاڪٽر ياسمين راشد تقريب کي خطاب ميڻ چيو ته يونيورسٽي آف سينٽرل پنجاب جي 80 سيڪڙو شاگردن ڪورونا کان بچا4 واري ويڪسين لڳرائي باقي تعليمي ادارن جي ٻارن لاءِ رول ماڊل جو ڪردار ادا ڪيو آهي. ملڪ ۾ ڪورونا اثرن کي ختم ڪرڻ جو واحد طريقو ويڪسينيشن ۽ احتياطي تدبيرن تي سختي سان عمل ڪرڻ آهي.
