119

ڪورونا وائرس سبب طورخم سرحد کي هر قسم جي اچ وڃ لاءِ بند ڪيو ويو آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا سبب اين سي اوسي جي جاري ڪيل هدايتن کي نظر ۾ رکندي طور خم سرحد کي 6 جولاءِ کان هر قسم جي اچ وڃ لاءِ بند ڪيو ويو آهي، پنهنجي هڪ ٽوئٽ ۾ هن چيو ته پاڪ افغان سرحد تي طور خم اميگريشن مرڪز هر قسم جي اچ وڃ لاءِ بند رهندو جيسيتائين ايس سي او سي پاران گهرو وزارت کي نئين هدايت نه ٿي ملي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو